Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

سبق موجود آهن، اَڄ اسان انهن مان ڪجهه سبق ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. اچو ته! پهريان هڪ ايمان افروز روايت ٻڌون ٿا:

ڪهڙي شيءِ تي حبيبِ خدا جي نظر ناهي ...؟؟

مسلم شريف جيڪو حديث پاڪ جو هڪ تمام مشهور ڪتاب آهي، ان ۾ روايت آهي، هن حديث کي بيان ڪرڻ وارا مشهور صحابيءِ رسول حضرت اَنَس بن مالڪ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ آهن، فرمائن ٿا: هڪ دفعي مان مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ سان گڏ هيس، پاڻ  رَضِیَ اللهُ عَنْہُ غزوه بدر جي باري ڳالهه شروع ڪئي، ان دوران پاڻ فرمايائون: (غزوه بدر جي رات، يعني اها رات جنهن جي ايندڙ ڏينهن تي غزوه بدر پيش آيو، ان رات) پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم بدر جي ميدان ۾ تشريف وٺي ويا ۽ (نشان لڳائيندي) فرمايائون: هٰذَا مَصْرَعُ فُلَانٌ وَ هٰذَا مَصْرَعُ فُلَانٌ اِنْ شَآءَ اللهُ يعني اِنْ شَآءَ اللهُ!    سڀاڻي فَلاڻو هتي ڪرندو (مثلاً هن جڳھ تي ابوجهل ڪرندو، هتي عُتبه ڪِرندو، هتي شيبه ڪِرندو)  حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا:  فَوَالَّذِيْ بَعَثَهُ بِالْحَقِّ مَا اَخْطَئُوْا الْحُدُوْدَ الَّتِيْ حَدَّ رَسُوْلُ اللهِ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم  يعني  ان ذات جي قسم جنهن پياري آقا صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم  جن کي حق سان مَبعُوث فرمايو: جتي پياري محبُوب ٻڌايو هو، ڪو به غير مسلم ان جاءِ کان ذرو برابر به هيڏي هوڏي نه ڪِريو.

  سُبْحٰنَ الله! هي آهي اسان جي پياري محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جو علمِ غيب...!! جنگ اڃان شروع ئي نه ٿي آهي، ايندڙ ڏينهن تي ٿيڻي آهي، ان کان پهريان ئي پاڻ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جنگ جا احوال ۽ ان جا نتيجا بيان فرمائي رهيا آهن ڄڻ ته پورو نقشو پاڻ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي اکين جي سامهون هو، پاڻ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم سڀ ڪجهه ڏسي رهيا آهن ۽ ٻڌائي رهيا آهن ته هيءَ اها جڳهه آهي جتي ابوجهل