Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي، هڪ سنت بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاهِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ       جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، تنهن مون سان محبت ڪئي، ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

تلاوتِ قرآن سنت آهي

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلّی اللہُ عَلَیْہ وآلِہ وسَلَّم: (1) منهنجي امت جي افضل عبادت قرآن جي تلاوت آهي. ([2])

اي عاشقانِ رسول!  قرآن ڪريم جي تلاوت ڪرڻ سنت آهي۔ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪثرت سان قرآنِ ڪريم جي تلاوت فرمائيندا هئا * حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْہا فرمائن ٿيون: ڪا به شيءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي تلاوت کان نه روڪيندي هئي * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رات جي نماز ۾ ڪڏهن ڪڏهن مڪمل سورة بقره ۽ سورة آلِ عمران جي تلاوت فرمائيندا هئا * روزانو رات جو سُوْرَۂ سجدہ، سُورَۂ ملک، سورۂ بنی اسرائیل، سورۂ زُمَر، سُوْرَۂ کافرون، سُوْرَۂ فلق ۽ سورۂ ناس جي تلاوت ڪري سمهندا هئا.

الله پاڪ اسان کي به خوب خوب قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[2]...شُعَبُ الْاِیْمان، باب:تعظیم قرآن، جلد:2، صفحہ:347، حدیث:2004 ۔