Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein
۾ آهي يا مسجد ۾ * مطلب ته ڪهڙو به وقت هجي، ڪهڙو به لمحو هجي، ڪهڙي به حالت هجي، اسان هر وقت، هر حالت ۾ الله ۽ رسول جي حڪمن جا پابند آهيون. جيستائين اسان اها اطاعت ڪندا رهنداسين، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪاميابي اسان جا قدم چمندي رهندي، جيئن ئي اسان هن فرمانبرداري کان منهن موڙينداسين، تنزلي جو سفر شروع ٿي ويندو.
بنو اُميه جي خلافت ۾ هڪ بادشاهه ٿي گذريو آهي: وليد بن يزيد. جيڪو نهايت سرڪش ۽ بيباڪ هو. حديث پاڪ ۾ ارشاد ٿيو آهي: منهنجي امت ۾ وليد نالي هڪ شخص ٿيندو، جيڪو فرعون کان به وڌيڪ سرڪش هوندو. علماءِ ڪرام هن حديث پاڪ مان اهو ئي وليد بن يزيد مراد ورتو آهي. هڪ ڀيرو وليد بن يزيد قرآن ڪريم مان فارَ ڪڍي. قرآن ڪريم مان فارَ ڪڍڻ هونئن ئي ناجائز آهي، ڇوته قرآن مجيد فارَ ڪڍڻ لاءِ نه، پر هدايت جي لاءِ نازل ٿيو آهي پر وليد بدبخت ته هئو ئي، هن کي جائز يا ناجائز جي ڪهڙي پرواهه هئي، هن فارَ ڪڍي ته جيڪا آيتِ ڪريمه سامهون آئي، اها ڄڻ ته هن جي پنهنجي ئي زندگيءَ جو پورو پورو نقشو پيش ڪري رهي هئي. فارَ ۾ جيڪا آيت نڪتي، اها سيپاري 13، سورت ابراهيم جي آيت نمبر 15 هئي، ارشاد ٿئي ٿو:
خَابَ كُلُّ جَبَّارٍ عَنِیْدٍۙ(۱۵)
ترجمو ڪنزالعرفان: هر سرڪش، ضدي ناڪام ٿيو.
وليد جڏهن هيءَ آيت پڙهي ته ان تي اقتدار جو ڀوت سوار ٿي ويو ۽ غرور ۽ تڪبر ۾ بد مست ٿي ان بي لغام مَعاذَ الله! قرآن ڪريم کي شهيد ڪري بي ادبيءَ سان اڇلائي ڇڏيو ۽ گستاخيءَ سان چيائين: ڇا تون سرڪش ۽ ضدي کي وعيد ٻڌائين ٿو؟ ها! مان آهيان سرڪش ۽ ضدي، جڏهن تون قيامت جي ڏينهن الله