Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza
مزار پرانوار دعائن جي قبوليت جو (گيٽ وي) يعني رستو آهي ڇوته جيڪا دعا انهن جي مزار شريف تي گھري وڃي ضرور قبول ٿيندي آهي.
حضرت امير حمزھ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جون 2 اعليٰ صفتون
اي عاشقانِ رسول! حديث پاڪ ۾ آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي مخاطب ڪندي انهن جي ٻن پيارن ۽ اعليٰ وصفن جو ذڪر ڪيو، فرمايائون: (1): يَا وُصُولَ الرَحْم اي تمام گهڻي صلهءِ رحمي ڪرڻ وارا! (2): يَا فُعُولُ الْخَيْرات اي گهڻيون نيڪيون ڪرڻ وارا![1] ڪيترا نه پيارا ٻه وصف آهن، الله پاڪ اسان کي به توفيق بخشي، اسان کي به اهي ٻئي وصف اپنائڻ گهرجن!
پيارا اسلامي ڀائرو! صِلهءِ رحمي يعني رشتيدارن سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ لازم ۽ ضروري آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ اتَّقُوا اللّٰہَ الَّذِیۡ تَسَآءَلُوۡنَ بِہٖ وَ الۡاَرۡحَامَ ؕ (پارو: 4، سورة نساء: 1)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ الله کان ڊڄو جنهن جي نالي تي هڪ ٻئي کان گهرندا آهيو ۽ رشتن (کي ٽوڙڻ کان بچو).
تفسير مظهري ۾ آهي: يعني توهان قطع رحمي (يعني رشتيدارن سان تعلق ٽوڙڻ) کان بچو([2]) معلوم ٿيو ته رشتيداري جي معاملي ۾ هميشه ان ڳالهه جو خوف دل ۾ رکڻ گهرجي ته ڪٿي ڪنهن رشتيدار کي مون کان ڪا تڪليف نه پهچي، ڪٿي ڪو اهڙو ڪم نه ڪري ويهان جيڪو رشتا ٽٽڻ جو سبب بڻجي رهيو هجي.
افسوس! جيئن خوفِ خدا ختم ٿيندو پيو وڃي، تيئن رشتن جي محبت ۽ فڪر به دم ٽوڙيندو پيو وڃي، اسان کي ترغيب ته اها آهي ته رشتو ٽٽڻ کان خوفزده رهون، ڊڄون ته ڪٿي رشتا ٽوڙڻ جي گناهه ۾ نه پئجي وڃون پر حالت اها آهي جو ماڻهو