ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

رشتا ٽوڙڻ جا طريقا ڳولهيندا رهندا  آهن * جي ها! شادي وغيره جو موقعو هجي * رشتيدارن ۾ خوشي غمي جو ڪو ئي معاملو هجي، ماڻهو بهانا ڳولهيندا آهن، تلاش ڪئي ويندي آهي ته ڪهڙي ڳالهه کي بنياد بڻائي مان جهيڙو ڪيان؟ ڪجهه اهڙو ٿئي جو مان ڪاوِڙجان ۽ سڀ مون کي پرچائڻ اچن. ايئن خاندانن ۾ ٿيندو آهي. اها تمام بري ڳالهه آهي، الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ یَقْطَعُوْنَ  مَاۤ  اَمَرَ اللّٰہُ بِہٖۤ اَنْ یُّوْصَلَ وَ یُفْسِدُوْنَ فِی الْاَرْضِ ۙ اُولٰٓئِکَ لَہُمُ اللَّعْنَۃُ وَ لَہُمْ سُوْٓءُ  الدَّارِ (۲۵)

 (پارو: 13، سورة رعد: 25)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جنهن کي ڳنڍڻ جو الله حڪم فرمايو آهي ان کي ڇنندا آهن ۽ زمين ۾ فساد پکيڙيندا آهن انهن جي لاءِ لعنت ئي آهي ۽ انهن جي لاءِ برو گهر آهي.

الله اڪبر! معلوم ٿيو ته رشتا ٽوڙڻ واري تي الله پاڪ جي لعنت وسندي آهي.

رحمت کان محروم ماڻهو

حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  هڪ دفعو رسولِ عربي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون احاديثِ مبارڪه بيان فرمائي رهيا هئا، ان دوران فرمايائون: هر رشتيداري ٽوڙڻ وارو اسان جي محفل مان اُٿي وڃي. هڪ نوجوان اُٿي پنهنجي پُڦي جي گهر ويو جنهن سان ان جو ڪيترن ئي سالن کان پراڻو جهڳڙو هو، جڏهن ٻئي هڪ ٻئي کان راضي ٿي ويا ته ان نوجوان کي پنهنجي پڦي چيو: تون وڃي ان جو سبب پڇ ته آخر ائين ڇو ٿيو؟ (يعني ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي اعلان جي ڇا حڪمت آهي؟) نوجوان حاضر ٿي جڏهن پڇيو ته پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمايو ته مون ٻنهي جهانن جي سردار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان اهو ٻڌو آهي ته: جنهن قوم ۾ رشتيداري ٽوڙڻ وارو هوندو آهي، ان قوم تي الله جي رَحمت جو نزول نه ٿيندو آهي.([1])

رشتا ٽوڙڻ واري جي نحوست

الله! الله! غور فرمايو! صحابيءِ رسول آهن، ماڻهن جي وچ ۾ تشريف فرما آهن ۽ بيان ڇا ڪري رهيا آهن؟ رحمتِ دوجهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون مبارڪ حديثون ...!! اهڙي محفل تي به رحمتون نه وَسَنديون ته پوءِ ڪنهن تي وَسَنديون؟ پر حضرت


 

 



[1]... الزواجر، جلد:2، صفحہ:136-137۔