Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza
عبدالمطلب الله ۽ ان جي رسول جا شينهن آهن.([1])
وہی شیر ہیں خُدا کے اور شیر مصطفےٰ کے ہیں مُحِبِّ حبیبِ داور آقا امیر حمزہ!
حضرت حمزھ جنت ۾ ٽيڪ لڳائي ويٺا هئا
حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہما کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: رات جو مان جنت ۾ داخل ٿيس ته ڏٺم ته حمزه (رَضِیَ اللهُ عَنْہُ) پنهنجن دوستن سان گڏ اتي موجود هئا.([2])
هڪ روايت ۾ آهي فرمايائون: رات جو مان جنت ۾ داخل ٿيس ته ڏٺو: حضرت جعفر طيار رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرشتن سان گڏ هوا ۾ اڏامي رهيا هئا جڏهن ته حضرت حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ تخت تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هئا.([3])
حضرت امير حمزھ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي شهادت
پيارا اسلامي ڀائرو! 15 شوال سن 3 هجري تي حق ۽ باطل جي وچ ۾ عظيم جنگ لڳي، جنهن کي غزوهه احد چيو وڃي ٿو. غزوهه احد ۾ حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به شريڪ هئا. پاڻ تمام بهادري سان وڙهيا، آخر شهادت جي بلند رتبي تي فائز ٿيا.([4]) شهادت وقت سندن عمر مبارڪ 57 سال هئي.
سرداری تمہیں حاصِل ہے سارے شہیدوں کی یوں حق کی حفاظت میں کی جان فِدا حمزہ
احسان نہ بھولے گا میدانِ اُحُد تیرا ہے اس کی شبِ جاں میں اب تیری ضیا حمزہ
شهادتِ اميرِ حمزھ تي غمِ مصفطيٰ
روايتن ۾ آهي: سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي چاچي حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي مبارڪ لاش وٽ بيهي فرمايو: يَاحَمْزَةُ اي حمزه! يَاعَمَّ رَسُوْلِ اللهِ اي رسول الله جا چاچا! وَأَسَدَ اللهِ وأَسَدَ رَسُوْلِهٖ اي الله ۽ رسول جا شينهن! يَاحَمْزَةُ يَافَاعِلَ الْخَيْرَاتِ اي حمزه! اي ڀلائي ۾ اڳتي وڌي وڃڻ وارا!