Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza
جي پٺيان ادا ڪئي، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جئين ئي سلام ڦيرايو، فوراً اٿيا ۽ تيز تيز قدم کڻندا گهر ڏانهن تشريف وٺي ويا، اهڙو خلافِ معمول انداز مبارڪ ڏسي صحابهءِ گھٻرائجي ويا، اڃان ٿوري ئي دير گذري هئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم واپس تشريف وٺي آيا ۽ فرمايائون: مون کي ياد آيو ته سون جو هڪ ٽڪرو گهر ۾ رکيل آهي، بس ان کي پاڻ وٽ رکڻ مون کي ناپسند هو، تنهنڪري ان کي صدقو ڪري ڇڏڻ جو حڪم ڏئي آيو آهيان.([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي منهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ...!!
نيڪين ۾ جلدي ڪرڻ سنتِ مصطفيٰ آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! حديث پاڪ تي غور فرمايو، گهر ۾ سون جو هڪ ٽڪرو هو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اهو صدقو ڪرڻو هو، هي به ته ممڪن هو ته نماز کان پوء معمول مطابق تشريف رکن ها، دعا فرمائن ها، صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم سان ملاقات ڪن ها، پوءِ سون صدقو ڪيو وڃي ها، پر پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي تعليم ڏني، صدقو ڪرڻ ۾ ٿوري به دير ڪرڻ پسند نه فرمايائون، فوراً صدقو ڪري ڇڏيائون.
الله! الله! اسان جا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ته سراپا نيڪي آهن، اتي ته نيڪيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻئي ڪم جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي، بلڪه پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ته اهي آهن جو انهن جي ادائن کي اپنائڻ افضل نيڪي آهي. ان جي باوجود به پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صدقو ڪرڻ ۾ جلدي فرمائي. خبر پئي ته نيڪين ۾ جلدي ڪرڻ اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ طريقو آهي، تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته نيڪين ۾ جلدي ڪيون، بس جيئن ئي موقعو ملي ته هاڻي ڏينهن، ڪلاڪ ۽ منٽ ته پري جي ڳالهه آهي هڪ سيڪنڊ جو به انتظار نه ڪيون، فوراً اها نيڪي ڪري ڇڏيون.
الله پاڪ جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: مَنْ فُتِحَ لَہٗ بَابٌ مِّنْ خَیْرٍ جنهن جي لاءِ ڀلائيءَ جو دروازو کوليو وڃي فَلْیَنْتَہِزْہُ ته ان کي گهرجي ته ڊوڙي