Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza
قائم ٿي وڃي ۽ قيامت سخت مصيبتن واري ۽ ڏاڍي ڪوڙي آهي.([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏو خوبصورت سبق ڏنو ويو آهي، واقعي ائين ٿيندو آهي * ماڻهو آخرت جي معاملي ۾ سڀاڻي سڀاڻي ڪندو رهندو آهي * پوءِ ڪڏهن تنگدستي اچي ويندي آهي، بندو ڪمائڻ ۾ مصروف ٿي ويندو آهي * يا وري مال گهڻو ٿي ويندو آهي ان جي سار سنڀال ۾ لڳي ويندو آهي * يا وري بيمار ٿي پوندو آهي، ايئن ئي سڀاڻي سڀاڻي ڪندي پوڙهو ٿي ويندو آهي، پوءِ هڏين ۾ طاقت ئي نه رهندي آهي، سجدو ڪرڻ به چاهيندو آهي ته ڪري نه سگهندو آهي * ۽ ڪيترائي اهڙا آهن، جيڪي سڀاڻي سڀاڻي ڪندا رهندا آهن، سڀاڻي کان نيڪيون شروع ڪندس، فلاڻي ڏينهن کان نيڪيون شروع ڪندس، پر افسوس! اوچتو کين موت اچي ويندو آهي ۽ ماڻهو نيڪ عمل ڪرڻ کان سواءِ ئي قبر جي کڏ ۾ وڃي ڪرندو آهي. تنهنڪري ان کان اڳ جو اهڙي حالت ٿئي، اسان کي نيڪ عملن تي سندور ٻڌڻ گهرجي.
الله پاڪ اسان کي حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو فيضان نصيب فرمائي، ڪاش! صلهءِ رحميءَ جو جذبو ۽ نيڪين جو حرص نصيب ٿي وڃي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم: تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو حلقو
* قرآن مجيد سکڻ تمام فضيلت وارو ڪم آهي: * حديثن ۾ هن طرح جو مضمون آهي ته: صبح اهڙي حال ۾ ڪيو جو يا ته توهان عالِم هجو يا طالبِ علمِ دين.([2]) * هڪ روايت مطابق صبح جي وقت قرآن مجيد جي هڪ آيت سکڻ 100 رڪعتون نفل پڙهڻ کان بهتر آهي.([3])
* اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول فجر کان پوءِ تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو حلقو لڳائيندا آهن * ان ۾ ٽي قرآني آيتون، انهن جو ترجمو ۽ تفسير ٻڌو ۽ ٻڌايو ويندو آهي* فيضانِ سنت مان درس ٿيندو آهي* شجرو شريف پڙهيو