ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

  يَاحَمْزَةُ يَاكَاشِفَ الْكَرَبَاتِ اي حمزه! اي رنج و غم دور ڪرڻ وارا! يَاحَمْزَةُ يَاذَابًّا عَنْ وَجْهِ رَسُوْلِ اللهِ اي حمزه! اي رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان دشمنن کي پري ڀڄائڻ وارا! ([1])

آپ کے دَم سے بڑھی شوکتِ اسلام شہا!                           باعثِ قُوَّتِ ایمان ہو حضرت حمزہ

آپ کو بخشا گیا سیدِ شہدا کا لقب                                                                                دِین پہ اس طرح قربان ہو حضرت حمزہ

آپ کے اُسْوَۂ حسنہ پہ مشاہدؔ بھی چلے                                                        اس نکمے پہ یہ احسان ہو حضرت حمزہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نمازِ جنازھ ۽ تدفين

غزوه احد ۾ شهيد ٿيڻ وارن صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم مان سڀ کان پهريان حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي نماز جنازه ادا ڪئي وئي. پوءِ هڪ هڪ شهيد کي آندو ويو ۽ حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي ويجھو رکي ان جي نماز جنازه ادا ڪئي وئي.([2]) ڪجھ روايتن ۾ آهي ته 10، 10 شهيدن جي نماز جنازه ادا ڪئي وئي ۽ انهن 10 ۾ هر بار حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به شريڪ رهيا.([3])

فرشتن غسل ڏنو

 حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي حضرت ابوبڪر، حضرت عمر فاروق ۽ حضرت علي المرتضى رَضِیَ اللهُ عَنْہم قبر شريف ۾ لاٿو. الله پاڪ جا آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قبر جي ڪناري تي تشريف فرما هئا. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مون ڏٺو ته فرشتا حضرت حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي غسل ڏئي رهيا آهن.([4])

مزار مبارڪ

حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي مزار مبارڪ مدينه منوره ۾ جبل احد جي ويجھو آهي. اوهان جي مزار مبارڪ تي دعائون قبول ٿينديون آهن ۽ مرادون پوريون ٿينديون آهن. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول سندن مزار مبارڪ تي حاضري ڏيندا آهن، خوب دعائون گهرندا آهن ۽ من جون مرادون حاصل ڪندا آهن.


 

 



[1]...ذخائر العقبیٰ ، صفحہ:306۔

[2]...طبقات الکبری، جلد:3، صفحہ:7۔

[3]...سنن کبری للبیہقی،ابواب الشہید، جلد:4، صفحہ:157، حدیث:6804۔

[4]...طبقات الکبری، جلد:3، صفحہ:7۔