ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

جهنم کان پري ڪرڻ وارو عمل

هڪ شخص الله پاڪ جي سڀ کان آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عرض ڪيو: مون کي اهڙو عمل ٻڌايو جيڪو مون کي جنت جي ويجهو ۽ دوزخ کان پري ڪري ڇڏي. الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ جي عبادت ڪر، ڪنهن شيء کي ان جو شريڪ نه بڻاءِ، نماز پڙهه، زڪوات ادا ڪر ۽ صلهءِ رحمي ڪندو رهه.

عمر وڌائڻ واري نيڪي

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائي رهيا هئا ته جيڪو شخص پنهنجي روزي ۾ ڪشادگي چاهي ٿو يا عمر جي درازي چاهي ٿو ته ان کي گهرجي ته صلهءِ رحمي ڪري.[1]

الله پاڪ اسان کي صلهءِ رحمي (يعني رشتيدارن سان ڳنڍيو رهڻ، انهن سان نيڪ سلوڪ ڪندو رهڻ) جي توفيق نصيب فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

صلهءِ رحمي جا 10 فائدا

حضرت ابواللّيث سمرقندي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: صِلهءِ رحمي ڪرڻ جا 10 فائدا آهن (1): الله پاڪ جي رِضا حاصل ٿيندي آهي (2): ماڻهن جي خوشي جو سبب آهي (3): فرشتن کي مسرت ٿيندي آهي (4): مسلمانن جي طرفان ان شخص جي تعريف ٿيندي آهي (5): شيطان کي ان سان رنج ٿيندو آهي (6): عمر وڌندي آهي (7): ِرزق ۾ برڪت ٿيندي آهي (8): فوت ٿي ويل ابا ڏاڏا خوش ٿيندا آهن (9): پاڻ ۾ محبت وڌندي آهي (10): وفات کان پوءِ ان جي ثواب ۾ اضافو ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ  ته ماڻهو ان جي حق ۾ دعاءِ خير ڪندا آهن.([2])

الله پاڪ اسان کي صلهءِ رحمي ڪرڻ وارو، رشتا جوڙڻ وارو، ماڻهن سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ وارو بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي. صلهءِ رحمي جو وڌيڪ ذهن ٺاهڻ ۽ ان جي فضيلتن ۽ فائدن وغيره جي تفصيلي معلومات لاءِ اميرِ اهلسنت مَولانا محمد اِلياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو تمام خوبصورت ۽ مختصر رسالو هٿو هٿ


 

 



[1] مسلم، کتاب البر و الصلۃ، باباب صلۃ الرحم و تحریم قطعتہا، صفحہ:993، حدیث:2557۔

[2]...تنبیہ الغافلین، باب صلۃ الرحم، صفحہ:74 خلاصۃً۔