Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza
ڏيکاريندا آهيون، پر نيڪ عملن ۾ سستي ٿي ويندي آهي * کائڻ لاءِ ڪڏهن نه چوندا آهيون ته سڀاڻي کائينداسين پر نماز لاءِ چوندا آهيون ته رمضان کان شروع ڪنداسين * پئسا ڪمائڻ جو موقعو هجي ته اڄ جو اڄ ئي ڪمائڻا آهن، دل چوندي آهي ته بس سڀاڻي جو سج نه نڪري، مان راتو رات امير ٿي وڃان، پر نيڪ ڪمن بابت ذهن بڻجندو آهي ته اڃا ته تمام گهڻي زندگي پئي آهي، نيڪيون به ڪري ئي وٺندس * ٻاهرين ملڪ جي ويزا لڳرائڻي هجي، نئون ڪاروبار شروع ڪرڻو هجي، دنياوي لحاظ کان ڪو ڪارنامو انجام ڏيڻو هجي ته ذهن بڻجندو آهي ته جيڪو سڀاڻي ڪرڻو آهي سو اڄ ڪيان، جيڪو اڄ ڪرڻو آهي سو هاڻي ڪيان. پر نيڪين ڪرڻ جي وقت ...!! اڄ ٿڪجي پيو آهيان، اڄ گهڻو ڪم رهيل آهي، اڄ دل نٿي چئي، سڀاڻي کان، پَرِهين کان، ايندڙ جمعي کان شروع ڪندس.
آهه! افسوس! نيڪين جي معاملي ۾ سڀاڻي سڀاڻي ڪندي ڪيتري ئي زندگي گذري وئي، پر اها سڀاڻي نه آئي، نه ئي اچڻي آهي، ان جي ابتڙ اسان قبر ۾ پهچي وينداسين، پوءِ پڇتائيندا ئي رهجي وينداسين. صحابئ رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: تَسْوِیْف (يعني اهو سوچڻ ته جلد نيڪيون ڪري وٺندس) اهڙي سوچ شيطان جي لشڪرن مان هڪ وڏو لشڪر آهي، افسوس! اڪثر ان جي ذريعي شيطان انسان کي ڌوڪي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي.([1])
حضرت عبد الله بن مبارڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مون تائين اها ڳالهه پهتي آهي ته اڪثر جهنمين جي پڪار هيءَ هوندي: اُفٍّ لِسَوْفَ، اُفٍّ لِسَوْفَ يعني حيف آهي سڀاڻي تي، حيف آهي سڀاڻي تي.([2])
مطلب اهو ته اسان دنيا ۾ اهو ئي چوندا رهياسين ته سڀاڻي ڪري وٺندس، سڀاڻي ڪري وٺندس، اهو جيڪو انداز هو ان تي حيف آهي، ان ئي اسان کي نيڪ اعمال ڪرڻ کان دور ڪري ڇڏيو.
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي نه عبرت جي ڳالهه آهي، جهنمين جي هڪ تعداد اهڙي