ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  کي خوف اهو ٿيو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو هن محفل ۾ ڪو قاطِعِ رحم هجي ۽ اسان ان جي ڪري رحمت کان محروم ٿي وڃون ...!!

اها آهي قاطِعِ رحم (يعني رشتو ٽوڙڻ واري) جي نحوست...!! هتان توهان اندازو لڳايو ته جنهن گهر ۾ قاطِعِ رحم هجي، جنهن گهٽي ۾، جنهن محلي ۾ رهندو هجي، ان گهر، ان گهٽي ۽ ان محلي تي رحمتون ڪيئن نازل ٿينديون ...؟ ۽ جيڪو پاڻ قاطِعِ رحم آهي ان جي دِل ۾ رحمت ڀريو ڪلام قرآن ڪريم ڪيئن سمائجي سگهندو؟

نيڪيون قبول نه ٿينديون آهن

حديثِ پاڪ ۾ آهي: هر جمعي جي رات ٻانهن جا عمل الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پيش ٿيندا آهن فَلَا يَقْبَلُ عَمَلَ قَاطِعِ رَحِمٍ (پر) الله پاڪ قطع رحمي ڪرڻ واري جا عمل قبول نه فرمائيندو آهي[1].

ان کي الله پاڪ ٽوڙي ڇڏيندو  آهي

مُحَمَّدِ عربي، مڪي مَدَني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ جڏهن مخلوق کي پيدا ڪري چڪو ته رحم اٿي بيهي رحم ڪرڻ واري الله پاڪ جي دامن ۾ پناهه ورتي. الله پاڪ ان کي فرمايو: أَمَا تَرْضينَ أَنْ أَصِلَ مَنْ وَصَلَكِ، وَأَقْطَعَ مَنْ قَطَعَكِ؟ ڇا توکي اهو پسند ناهي ته جيڪو توکي جوڙي مان به ان کي جوڙيان ۽ جيڪو توکي ٽوڙي مان به ان کي ٽوڙي ڇڏيان. رحم عرض ڪيو، ها اي منهنجا رب! الله تعاليٰ فرمايو، پوءِ ائين ئي ٿيندو. [2]

هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ آهي: مان رحمٰن آهيان ۽ رحم جو مادو مون پنهنجي نالي مان ڪڍيو آهي، فَمَنْ وَصَلَهَا وَصَلْتُهُ، وَمَنْ قَطَعَهَا بَتَتُّهُ جنهن ان کي ملايو مان ان کي ملائيندس ۽ جنهن ان کي ٽوڙيو مان ان کي ٽوڙيندس.[3]


 

 



[1] الادب المفرد، صفحہ:32، حدیث:61۔

[2] بخاری، کتاب الادب، باب من وصل وصلہ اللہ، صفحہ:1495، حدیث:5987۔

[3] الادب المفرد، صفحہ:30، حدیث:53۔