Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza
بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
هڪ دفعي جو ذڪر آهي، پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم صُفا جبل وٽ تشريف فرما هئا ته ايتري ۾ اُتي دشمنِ اسلام ابوجهل به اچي نڪتو، هن بدبخت شخص محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جن کي معاذ اللہ! گاريون ڏيڻ شروع ڪيون، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ته اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! مڪمل حِلْم جا پيڪر آهن، پاڻ خاموشيءَ سان ابوجهل جي بڪواس ٻڌندا رهيا، جواب ۾ هڪ لفظ به ارشاد نه فرمايائون.
ابوجهل پاڻ ئي بڪ بڪ ڪري چپ ٿي ويو ۽ هليو ويو. پيارا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم به اتان تشريف کڻي ويا. ڪجهه دير کان پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي پياري پياري چاچي جان حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ (جيڪي اڃان ان وقت تائين مسلمان نه ٿيا هئا) جو اُتان گذر ٿيو، ڪنهن انهن کي ٻڌايو ته حمزه! ابوجهل اڄ تنهنجي ڀائٽي سان تمام گهڻي بدتميزي ڪئي آهي. اها ڳالهه ٻڌڻ شرط ئي پاڻ غصي ۾ اچي ويا ۽ سڌو ابوجهل وٽ آيا ۽ پهچڻ سان ئي ان کي مارڻ شروع ڪري ڏنائون.
ابو جهل پنهنجي صفائي ڏيندي چيو: اي حمزه! ڇا توهان نه ٿا ڏسو ته مُحَمَّد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ڪهڙو دين آندو آهي؟ حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ان وقت تائين اڃان ايمان نه آندو هو پر ان وقت سندن دل ۽ دماغ تي پنهنجي ڀائٽي (يعني حضورِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي محبت غالب هئي، پاڻ ابوجهل جي ڳالهه ٻڌي فرمايائون ته: تون واقعي بي عقل آهين جو پنهنجي هٿن سان ٺاهيل پٿرن کي خدا مڃين ٿو. مان گواهي ڏيان ٿو ته اللہ پاڪ کانسواءِ ڪو به معبود نه آهي ۽ مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اللہ جا سچا رسول آهن.([1])
ان وقت حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي دل تي محبتِ مصطفيٰ غالب هئي، جنهن جي غلبي سبب پاڻ ڪلمهءِ شهادت پڙهي ورتائون، فرمائن ٿا: بعد ۾ مون کي ان