ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

ڪرائي. ان دوران هڪ اسلامي ڀاءُ هنن کي شجره قادريه عطاريه مان شجره عاليه جا دعائيه اشعار پڙهڻ جو مشورو ڏنو. هنن شجري شريف مان دعائيه اشعار کي بغير وقفي جي روزانو پڙهڻ شروع ڪري ڏنو. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! شجره قادريه رضويه ضيائيه عطاريه پڙهڻ جي برڪت سان هنن جو اهو ڪم جيڪو ڪيترن ئي سالن کان نه ٿي رهيو هو، حيرت انگيز طور تي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ٿي ويو ۽ انهن کي ويزائون ملي ويون.

مُشْکِلیں حَل کر شَہِ مُشکل کُشا کے واسِطے                                          کر بَلائیں رَد شہیدِ کربَلا کے واسِطے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اسلامڪ اسپيچز (Islamic Speeches) موبائل ايپليڪيشن

       اي عاشقانِ رسول! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اسمارٽ فون (Smartphone) جي ذريعي پڻ علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان حوالي سان دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ جي طرفان مختلف موبائل ايپليڪيشنز جاري ڪيون ويون آهن، جن مان هڪ موبائل ايپليڪيشن اسلامڪ سپيچز (Islamic Speeches) آهي جنهن جي ذريعي اوهان دعوت اسلامي جا * هفتيوار* جمعي * ۽ مختلف موقعن جا نوان ۽ پراڻا بيان آساني سان حاصل ڪري سگهو ٿا * اهي بيان نه صرف اردو، بلڪه انگريزي، سنڌي، پشتو ۽ بنگالي ٻولين ۾ پڻ موجود آهن. * اوهان انهن بيانن کي نه صرف پڙهي سگهو ٿا بلڪه هن ايپلي ڪيشن ۾ موجود مخصوص بيانن کي آڊيو ۾ پڻ ٻڌي سگهو ٿا. بيانن کي ڳولهڻ جي سهولت پڻ موجود آهي، جنهن سان اوهان آساني سان پنهنجو مطلوبه بيان ڳولهي سگهو ٿا. اوهان پنهنجن پسنديده بيانن کي فيورٽ ڪري محفوظ به ڪري سگهو ٿا. اڄ ئي هن ايپلي ڪيشن کي پنهنجي موبائل ۾ ڊائون لوڊ ڪيو ۽ ٻين کي پڻ ان جي ترغيب ڏياريو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪجهه ضروري اعلانات

* هر ڇنڇر تي اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ ڇنڇر تي به مدني چينل