Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza
ان حِلْم جي برڪت ائين ظاهِر ٿي جو حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا.
کوئی گالی سناتا تھا، کوئی پتھر اُٹھاتا تھا کوئی توحید پر ہنستا تھا، کوئی منہ چِڑاتا تھا
مگر وہ منبعِ حِلْم و صفا خاموش رہتا تھا دُعائے خیر کرتا تھا، جفا وظلم سہتا تھا ([1])
الله پاڪ جي راهه ۾ تڪليف برداشت ڪرڻ سنت آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! اسان جي پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اِسلام جي خاطر ڪهڙيون ڪهڙيون تڪليفون برداشت ڪيون! اهو سڀ ڪجهه کُلي ڪري نيڪيءَ جي دعوت شروع ڪرڻ کان پوءِ ٿيو. تنهنڪري جڏهن به نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جي سبب ڪا تڪليف سَهڻي پوي ته مڪي مدني آقا، رسولِ خدا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي راههِ تبليغِ اِسلام ۾ پيش ايندڙ تڪليفن کي ياد ڪري اللہ پاڪ جو شڪر ادا ڪري ته الله پاڪ کيس دين جي خاطر سختيون برداشت ڪرڻ واري سنت ادا ڪرڻ جي سعادت بخشي آهي. اهڙي طرح اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! شيطان ناڪام ونامراد ٿيندو ۽ صبر ڪرڻ آسان ٿي ويندو.
يقيناً راههِ خُدا ۾ تڪليفون سهڻ به سُنّت ۽ انهن تي صبر ڪرڻ به سُنّت ۽ باوجود سخت ترين مشڪلاتن جي نيڪيءَ جي دعوت جو سلسلو جاري رکڻ به سُنّت آهي.([2])
سنّتیں عام کریں، دین کا ہم کام کریں نیک ہو جائیں مسلمان مدینے والے!
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
حضرت امير ِحمزھ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو مختصر تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت اميرِ حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا پيارا چاچا جان آهن، پاڻ پياري نبي، رسولِ