ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

ويندو آهي* دعا ٿيندي آهي ۽  * آخر ۾ اشراق ۽ چاشت جا نفل به ادا ڪيا ويندا آهن.

* اوهان به تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جي حلقي ۾ شرڪت جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪيتريون ئي برڪتون ملنديون. * حديث پاڪ جي مطابق جيڪو صبح جي وقت مسجد ۾ نيڪي سکڻ  جي لاءِ ويندو آهي، ان کي عمري جو ثواب ملندو آهي.([1]) * صبح جو وقت نيڪين ۾ گذرندو ته برڪت ملندي * سمورو ڏينهن سٺو گذرندو* صبح صبح علمِ دين سکڻ جو موقعو نصيب ٿيندو  * شجرو شريف پڙهڻ جي صورت ۾ نيڪ ماڻهن جو ذڪر ٿيندو* انهن جي محبت دل ۾ داخل ٿيندي * اولياءِ ڪرام جي روحاني توجهه ملندي * ايمان تازو ٿيندو * انهن جي وسيلي سان گهريون ويندڙ دعائون اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  پوريون ٿينديون * هڪ وڏي برڪت اها آهي ته نمازِ فجر کان نمازِ اشراق تائين مسجد ۾ رهڻ سنتِ مصطفى آهي ان تي عمل جي سعادت ملي ويندي * حديث پاڪ مطابق جيڪو نمازِ فجر کان پوءِ ذڪرُ الله ۾ مشغول رهي، پوءِ اشراق ۽ چاشت جا نفل پڙهي، ان کي جهنم جي باهه نه ڇهندي.([2]) * (جنهن مسجد ۾ حلقو لڳندو آهي، ان جو نالو ۽ ايڊريس ٻڌايو! مثال طور هينئن چئو) اوهان جي محلي جي مسجد گلزارِ مدينه ۾ تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو حلقو لڳندو آهي. نمازِ فجر اتي ادا ڪرڻ ۽ تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جي حلقي ۾ شرڪت جي نيت ڪري وٺو!

ويزائون ملي ويون

هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14 سالن کان ٻاهرين ملڪ ۾ آهي جتي هن جو پنهنجو ڪاروبار آهي. انهن کي هڪ ڀيرو پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي ضرورت پئي. هنن ويزائن لاءِ ڪيترائي ڀيرا درخواستون جمع ڪرايون، مگر ڪافي ڪوششن جي باوجود به ويزائون نه ملي سگهيون. ڪيترائي سال ائين گذري ويا، هو تمام گهڻو پريشان هئا ڇو ته ملازمن جي نه هئڻ سبب هنن کي نقصان برداشت ڪرڻو پئي پيو. خير انهن همت ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر درخواست جمع


 

 



[1]... مستدرک، کتاب العلم، باب من جاء المسجد...الخ، جلد:1، صفحہ:281، حدیث:317 ۔

[2]... شعب الایمان، باب فی الصیام، جلد:3، صفحہ:420، حدیث:3957۔