ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

مزار جي مِٽيءَ ۾ شِفا آهي

علامه سمهودي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي مزار مبارڪ جي با برڪت مٽي خاڪِ شفا آهي. قديم زماني کان نيڪ ماڻهن جو طريقو رهيو آهي ته حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي مزار مبارڪ جي مٽي کڻي ويندا آهن ۽ ان کي بطور دوا استعمال ڪندا آهن. ([1]) 

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  کي ڏٺو ويو آهي ته اوهان حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي مزار مبارڪ جي مبارڪ مٽي اکين ۾ سُرمو ڪري پائيندا آهن.

مهمانن جي حفاظت فرمايائون

شيخ سعيد بن قطب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي مزار مبارڪ تي ڪثرت سان حاضري ڏيندا رهندا هئا. عام طور تي مدينه منوره جا رهندڙ عاشقان رسول 12 رجب تي حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي مزار مبارڪ تي حاضري ڏيندا هئا پر حضرت سعيد بن قطب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ حاضر ٿي ويندا هئا ۽ 12 رجب تائين اتي ئي رهندا هئا. شيخ محمد بن عبداللطيف مالڪي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان به شيخ سعيد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان گڏ حضرت امير حمزه  رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي مزار مبارڪ تي حاضر ٿي ويس، رات ٿي ته سڀ ماڻهو سمهي پيا، مان انهن جي حفاظت لاءِ جاڳندو رهيس. رات جو مون اتي هڪ گھوڙي سوار ڏٺو، جيڪو مزار مبارڪ جي ويجھو چڪر هڻي رهيو هو. مون ان گھوڙي سوار کان پڇيو: تون ڪير آهين؟ فرمايائين: منهنجو نالو حمزه بن عبدالمطلب آهي ۽ مان اوهان سڀني جي حفاظت ڪري رهيو آهيان. ايترو فرمائي حضرت امير حمزه         رَضِیَ اللهُ عَنْہُ نظرن کان اوجھل ٿي ويا.([2])

بابُ الدُّعا ہے بےشک جن کا مزارِ اَنْور                                         وہ بندۂ خدا ہیں حضرت امیر حمزہ

   وضاحت: حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ الله پاڪ جا اهڙا خاص ٻانها آهن جو سندن


 

 



[1]...وفاء الوفاء باخبار دار المصطفٰے، الفصل السادس، الاستشفاء بتراب صعیب، جلد:1، صفحہ:60۔

[2]...جامع کرامات اولیا،جلد:1، صفحہ:109 بتغیر قلیل۔