Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza
پُڦي سان صلح ڪري ورتي“ پڙهي وٺو!
فرمانِ آخری نبي، رسولِ ہاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: اِحْرِصْ عَلٰی مَایَنْفَعُکَ وَاسْتَعِنْ بِاللّٰہِ وَلَاتَعْجِزْ يعني ان شئي تي حرص ڪريو جيڪا توهان کي فائدو ڏئي ۽ الله کان مدد طلب ڪيو ۽ عاجز نه ٿيو.([1])
نيڪي جي معاملي ۾ بي صبرا بڻجي وڃو ...!!
جڏهن ته حڪيمُ الْاُمَّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديث پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: واضع رهي ته دنياوي شين ۾ قناعت ۽ صبر سٺو آهي، پر آخرت جي شين ۾ حرص ۽ بي صبري اعليٰ آهي، دين جي ڪنهن به درجي تي پهچي قناعت نه ڪيو، اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪيو.([2]) الله پاڪ اسان کي نيڪيون ڪرڻ جو حريص بڻائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
نيڪين ۾ جلدي ڪرڻ انبياءَ جو طريقو آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪين ۾ جلدي ڪرڻ نبين جي سنت آهي. قرآن ڪريم ۾ آهي:
اِنَّہُمۡ کَانُوۡا یُسٰرِعُوۡنَ فِی الۡخَیۡرٰتِ
(پارو: 17، سورة انبياء: 90)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ اهي نيڪين ۾ جلدي ڪندا هئا.
يعني انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام جو انداز مبارڪ هو ته نيڪ ڪمن ۾ تمام گهڻي جلدي ڪندا هئا.
صحابيءِ رسول حضرت عقبه بن حارث رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ دفعي مون عصر جي نماز مسجدِ نبوي شريف ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم