ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

بابت پريشاني ٿي، مون ساري رات سوچ ويچار ۾ گذاري، صبح جو حرمِ ڪعبه ۾ حاضِر ٿيس ۽ ٻاڏائي ٻاڏائي اللہ پاڪ جي بارگاهه ۾ دُعا ڪيم ته يا اللہ پاڪ! منهنجو سينو حق جي لاءِ کولي ڇڏ ۽ مون کان شڪ دور فرماءِ، اڃان مون دعا پوري ئي نه ڪئي هئي ته منهنجي دل مان شڪ دور ٿي ويو ۽ دينِ اسلام تي منهنجو يقين پختو ٿي ويو، ان کان پوءِ مان بارگاههِ رسالت ۾ حاضِر ٿيس، پاڻ               صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ سموري صورتحال پيش ڪيم ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به منهنجي حق ۾ دعا فرمائي.([1])

اميرِ حمزھ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ   جي شان ۾ آيت نازل ٿي

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  دولتِ اسلام سان مالامال ٿيا ته ان وقت سندن شان ۾ هيءَ آيتِ ڪريمه نازِل ٿي:

اَوَ مَنۡ کَانَ مَیۡتًا فَاَحۡیَیۡنٰہُ وَ جَعَلۡنَا لَہٗ نُوۡرًا یَّمۡشِیۡ بِہٖ فِی النَّاسِ

(پارو: 8، سورۂ انعام:122)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ڇا جيڪو مرده هو پوءِ اسان ان کي زندهه ڪري ڇڏيو ۽ اسان ان لاءِ هڪ نور بڻائي ڇڏيو جنهن سان گڏ اُهو ماڻهن ۾ هلندو آهي.

مجھ سے کس طرح بیاں شان ہو حضرت حمزہ               کُل شہیدوں میں وہ ذی شان ہو حضرت حمزہ

آپ کے دم سے بڑھی شوکتِ اسلام شہا                         باعثِ قوتِ ایمان ہو حضرت حمزہ

آپ کو بخشا گیا سیدِ شُہَدا کا لقب                                                                          دین پہ اس طرح قربان ہو حضرت حمزہ

شاہِ کونین سے یوں کر گئے تکمیل وفا                                               جان سے آقا پہ قربان ہو حضرت حمزہ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 حلم ۽ بردباري اختيار ڪريو!

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو اسلام قبول ڪرڻ جو واقعو... جيڪو هاڻي اسان ٻڌو، ان ۾ حِلْمِ مصطفيٰ جو شان ڏسو! ابوجهل بدبخت جيڪو هيو ئي جاهلن جو سردار، اهو بڪواس ڪندو رهيو، ڪندو رهيو، گاريون ڏيندو رهيو، پر پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جواب ۾ هڪ لفظ به ارشاد نه فرمايو،


 

 



[1]...الروض الانف، اسلام حمزة، جلد:2، صفحہ:51۔