ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

آهي، ان جو نالو ڇا رکان؟ رسولِ رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مونکي پنهنجي چاچي حمزه بن عبد المطلب جو نالو تمام گهڻو پسند آهي، پنهنجي ٻار جو اهو ئي نالو رکو...! ([1])

الله پاڪ بهترين واعدو فرمايو

سيپارو؛ 20، سورت قَصَصَ، آيت: 61 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

اَفَمَنْ وَّعَدْنٰہُ وَعْدًا حَسَنًا فَہُوَ لَاقِیْہِ کَمَنْ مَّتَّعْنٰہُ مَتَاعَ الْحَیٰوۃِ الدُّنْیَا ثُمَّ ہُوَ یَوْمَ الْقِیٰمَۃِ مِنَ الْمُحْضَرِیْنَ (۶۱)

(پارو 20، سورة قصص: 61)

ترجموڪنزالعرفان: ته اهو شخص جنهن سان اسان جو سٺو واعدو ٿيل آهي، سو اهو ان (واعدي) سان ملڻ وارو (به) آهي، ڇا اهو ان شخص جهڙو آهي جنهن کي اسان (فقط) دنياوي زندگيءَ جو نفعو گذر سفر لاءِ ڏنو هجي پوءِ اهو قيامت جي ڏينهن گرفتار ڪري حاضر ڪيلن مان هجي.

هن آيتِ ڪريمه ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻه شخص آهن: (1): هڪ اهو آهي جنهن سان الله پاڪ جنت جو واعدو فرمايو آهي ۽ اهو ضرور جنت ۾ پهچي ويندو ۽ (2): ٻيو اهو آهي جنهن کي دنياوي مال عطا ڪيو ويو پوءِ قيامت جي ڏينهن کيس گرفتار ڪري آندو ويندو. ڇا اهي ٻئي برابر ٿي سگھن ٿا؟ هرگز نه ٿا ٿي سگھن. مفسرين ڪرام فرمائن ٿا: هيءَ آيتِ ڪريمه به حضرت امير حمزه ۽ ابوجهل جي باري ۾ نازل ٿي. هن آيت ۾ اهو شخص جنهن سان الله پاڪ جنت جو واعدو فرمايو، ان مان مراد حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ آهن ۽ اهو شخص جنهن کي دنياوي مال ڏنو ويو پر قيامت جي ڏينهن کيس گرفتار ڪري آندو ويندو ان مان مراد ابوجهل آهي.([2])

الله ۽ رسول جو  شينهن

معجم ڪبير ۾ آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! بيشڪ ستين آسمان تي لکيل آهي: حَمْزَةُ بْن عَبْدِ الْمُطَّلِبِ أَسَدُ اللهِ وَأَسَدُ رَسُوْلِهِ يعني حضرت حمزه بن


 

 



[1]...مستدرک، کتاب معرفۃ الصحابۃ، جلد:4، صفحہ:200، حدیث:4940۔

[2]...ذخائر العقبیٰ ، صفحہ:300۔