Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza
وڃي ان ڀلائيءَ جي دروازي ۾ داخل ٿي وڃي، فَاِنَّہٗ لَا یَدْرِیْ مَتیٰ یُغْلَقُ عَلَیْہِ ڇاڪاڻ ته هو نه ٿو ڄاڻي ته اهو دروازو ڪڏهن بند ڪيو ويندو.([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! * هاڻي اسين زندهه آهيون، اهو ڀلائيءَ جو دروازو آهي * ساهه هلي رهيا آهن، اهو به ڀلائيءَ جو دروازو آهي * اسان کي نيڪيءَ جي دعوت ڏني وئي، هي به ڀلائيءَ جو دروازو آهي * دل ۾ نيڪيءَ جو خيال آيو، هي به ڀلائيءَ جو دروازو آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته ڊوڙي وڃي ان دروازي ۾ داخل ٿي وڃون، يعني فوراً کان اڳ ۾ نيڪي ڪري وٺون، ٿوري دير بعد، سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن تي نه رکون، ڪهڙي خبر! ڪهڙي وقت اها توفيق کسجي وڃي.
اسان وٽ هڪ اهو به معاملو آهي ته اسان دنيا جي ڪم کي اڳتي ۽ آخرت جي ڪم کي پوئتي رکندا آهيون. جيڪڏهن ان جي ابتڙ ڪيون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا به سنورجي ويندي ۽ آخرت به سنورجي ويندي. حديث پاڪ ۾ آهي: اطمينان هر شيءِ ۾ آهي، سواءِ آخرت جي ڪم جي.
يعني دنياوي ڪم ۾ دير لڳائڻ سٺو آهي ڇو جو ممڪن آهي ته اهو ڪم خراب هجي ۽ دير لڳائڻ ۾ ان جي خرابي معلوم ٿي وڃي ۽ اسان ان کان باز رهون، پر آخرت جو ڪم ته سٺو ئي سٺو آهي ان کي موقعو (Chance) ملندي ئي ڪري ڇڏيو، جو دير لڳائڻ ۾ شايد موقعو وڃائجي وڃي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
فَاسۡتَبِقُوا الۡخَیۡرٰتِ ؕ
(پارو 2 سوره بقره 148)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ تون نيڪين ۾ اڳتي نڪري وڃ.
شيطان نيڪ ڪم ۾ دير ڪرائي آخر ۾ ان کان روڪي ڇڏيندو آهي.([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان دنيا جي هر ڪم ۾ چستي