Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza
هوندي جو اهي دنيا ۾ سڀاڻي سڀاڻي ڪندا رهيا، اڄ جو اڄ ئي نيڪين تي سندور نه ٻڌائون افسوس! اسان جو حال به ڪجهه اهڙو ئي آهي. اسان جي ذهنن ۾ گهڻا ئي منصوبا (Plans) هوندا آهن، اسان جي دلين ۾ گهڻا ئي خواب هوندا آهن، اسان روزانو پنهنجي مستقبل لاءِ گهڻو ڪجهه سوچيندا رهندا آهيون، ڪيترائي نوان نوان منصوبا تيار ڪندا رهندا آهيون، پر افسوس! نيڪ ڪمن جا منصوبا تيار نه ڪندا آهيون اسان کي مرڻو به آهي، قبر ۾ به لهڻو آهي، الله پاڪ جي حضور حاضر به ٿيڻو آهي، ان سلسلي ۾ بس ٽال مٽول ئي ڪندا رهندا آهيون، پر ياد رکجو! جڏهن ملڪ الموت حضرت عزرائيل عَلَیْهِ السَّلَام تشريف کڻي ايندا ته ان کان پوءِ ڪو به منصوبو، ڪو به خواب باقي نه رهندو، تڏهن صرف هڪ شيءِ باقي هوندي ۽ اهي اسان جا عمل آهن. تنهنڪري هن دنيا ۾ اسان کي اڳتي هلي ڇا ڪرڻو آهي، سٺو گهر، سٺي گاڏي، سٺو ڪاروبار، اهو سڀ ڪجهه اسان جي مستقبل جي سوچ آهي، پر اسان جو عمل اسان جي اڄ جي ذميواري (Responsibility) آهي. اسان پنهنجي دنياوي مستقبل تائين پهچنداسين يا نه پهچنداسين، ان جي ڪنهن کي خبر ناهي، پر قبر ۾ ضرور لھنداسين، پنهنجا عمل ساڻ کڻي لھنداسين، اهو هر مسلمان ڄاڻي ٿو. تنهنڪري ضروري آهي ته اسان اڄ کان بلڪه هاڻي کان ئي پنهنجن عملن جو فڪر شروع ڪريون.
سُنّتوں سے بھائی رشتہ جوڑ تُو نِت نئے فیشن سے منہ کو موڑ تُو
نیکیاں کر جلد تُو بدیوں سے بھاگ قبر میں ورنہ بھڑک اٹّھے گی آگ
خوب کر ذکرِ خدا و مصطَفٰے دل مدینہ یاد سے ان کی بنا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: 7 شين کان پهريان نيڪ عملن ۾ جلدي ڪريو! توهان ڪهڙي انتظار ۾ آهيو؟ ڇا ان ۾ ته (1): وساري ڇڏڻ واري محتاجي اچي وڃي (2): يا سرڪش بڻائڻ واري مالداري ملي وڃي (3): يا توهان کي ڪو مرض لڳي وڃي (4): يا عقل ختم ڪرڻ واري پوڙهائپ اچي وڃي (5): يا اوچتو موت اچي وڃي (6): يا دجال ظاهر ٿي وڃي (7): يا قيامت