Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

”خواجه“ فارسي زبان جو لفظ آهي، هن جي معني آهي: سردار۔ آقا۔([1])

خواجۂ خواجگاں مُعِیْنُ الدِّیْن         فخرِ کون ومکاں مُعِیْنُ الدِّیْن

الحمد لله! اسان جا خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نجيب الطَرَفَين آهن يعني والِد ۽ والده ٻنهي طرفان سَيد زادا آهن، 12 واسطن کان سندن سلسلهءِ نسب مسلمانن جي چوٿين خليفي اَمِيرُ المُؤمِنِين مولا علي مشڪل ڪشا رَضِىَ اللهُ عَنۡه تائين پهچي ٿو۔([2])

چراغِ انجمنِ اَوْلیا غریب نواز       امینِ سَطْوَتِ خیبر کُشَا غریب نواز

گُلِ حدیقۂ حسنین، نورِ چَشْمِ علی       فدائے سیرتِ خیر الوریٰ غریب نواز

وضاحت: اي خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه! اوهان اَولياءِ ڪرام جي محفل جا چراغ آهيو، اوهان خيبر فتح ڪرڻ واري مولاءِ ڪائنات، مولا علي رَضِي الله عَنْه جي شُجاعت جا امين آهيو، اوهان امام حَسَن ۽ امام حُسَين رَضِي الله عَنْهمَا جي باغ جا گل آهيو ۽ حضرت علي رَضِي الله عَنْه جي اک جا تارا آهيو ۽ مصطفيٰ جانِ رَحْمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنّتن جا شيدائي آهيو۔

خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 96 سال دُنيا ۾ تشريف فرما رهيا، 6 رجب، 633 هجري، بروز سومر شريف، صبح فجر جي وقت مريد انتظار ۾ هئا ته پير و مرشد تشريف فرما ٿيندا، نمازِ فجر پڙھائيندا پر حُضُور خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي نه اچڻو هو، نه  ئي آيا، ڪافِي دير گذرڻ کان پوءِ حُجري جو دروازو کولي ڏٺائون ته غم جو سمنڊ اٿلي پيو، حضور خواجهءِ خواجگان، سلطان الهند، خواجه غريب نواز، مُعِينُ الدِّين حَسَن چشتي، اجميري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وصال فرمائي چڪا هئا، ڏسڻ وارن اهو ايمان افروز منظر اکين سان ڏٺو ته خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نوراني پيشاني تي لکيل هو: حَبِیْبُ اللہِ مَاتَ فِی حُبِّ اللہِ، الله جو


 

 



[1]...فیروز اللغات، صفحہ:633۔

[2]...فیضان خواجہ غریب نواز، صفحہ:3۔