Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

خواجۂ خواجگاں مُعِیْنُ الدِّیْن         فَخْرِ کون ومکاں مُعِیْنُ الدِّیْن

خواجه صاحب تي پِيرِ ڪامِل جي نوازشات

خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان بغداد شريف ۾ خواجه جنيد جي مسجد ۾ پنهنجي پير و مرشد حضرت خواجه عُثمان هاروَنِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضِر ٿيس، ان وقت روءِ زمين جا وڏا وڏا مشائخِ ڪرام وٽن حاضِر هئا، مون پيرِ ڪامِل جو ادب ڪيو، پير و مرشِد فرمايو: ٻه رڪعت نماز ادا ڪريو! مون نماز ادا ڪئي۔ پوءِ فرمايائون: قبلي ڏانهن منهن ڪري ويھي رهو! مان ويهي رهيس، حڪم ٿيو: سورت بقره جي تِلاوت ڪر! مون سورت بقره جي تلاوت شروع ڪئي، فارغ ٿيس ته حڪم فرمايائون: 21 ڀيرا درودِ پاڪ پڙھو! مون درودِ پاڪ پڙھيو۔ بعد ۾ فرمايائون: اسان وٽ هڪ ڏينهن ۽ رات جو مجاهدو ٿيندو آهي، لهٰذا هڪ ڏينهن ۽ رات عبادت ۾ مشغول رهو! خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون هڪ ڏينهن ۽ رات عبادت ۾ گذاري، اڳئين ڏينهن پير و مرشد جي خدمت ۾ حاضِر ٿيس ته فرمايائون: آسمان ڏانهن ڏسو! مون آسمان ڏانهن نهاريو، فرمايائون: ڪيستائين نظر اچي پيو، مون عرض ڪيو: عرشِ اعظم تائين۔ پير و مرشد فرمايو: زمين ڏانهن نهار! مون زمين ڏانهن نهاريو۔ پڇيائون: ڪيتري تائين ڏسين ٿو؟ مون عرض ڪيو: تحتُ الثَّريٰ (زمين جي سڀ کان هيٺين حصي) تائين۔ حڪم ٿيو: هڪ هزار ڀيرا سورت اخلاص پڙھو! مون سورت اخلاص پڙھڻ شروع ڪئي، جڏهن فارغ ٿيس ته فرمايائون: هاڻي آسمان ڏانهن ڏس! مون آسمان ڏانهن ڏٺو۔ پڇيائون: هاڻي ڪيتري تائين ڏسين ٿو؟ مون عرض ڪيو: حجابِ عظمت تائين۔ فرمايائون: اکيون بند ڪر۔ مون اکيون بند ڪيون، فرمايائون: کول! مون اکيون کوليون، هاڻي پير ۽ مرشد پنهنجي آڱر ڏانهن ڏسڻ جو فرمايو، مون ڏٺو ته مون کي 18 هزار عالَم نظر آيا۔