Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

مان سزا جو حق دار آهيان، مون کي سزا ڏيو! خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اي عزيز! اسان جو طريقو آهي ته جيڪو اسان سان بُرائي ڪري ٿو، اسان ان سان ڀلائي سان پيش اچون ٿا۔ اِهو چئي پاڻ ان جو مٿو مٿي کنيو۔ هڪ ئي مجلس ۾ ايتريون ڪرم نوازيون، اهڙو اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار ڏسي ان شخص جي دِل جي دُنيا بدلجي وئي، ان جي دِل ۾ خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عقيدت سمائجي وئي، قتل جو ارادو ڪري ايندڙ ڪافِر خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هٿ مبارڪ تي توبه ڪئي، ڪلمو پڙهي ۽ سندن غُلامن ۾ شامِل ٿي ويو۔([1])

بُرائي جو جواب ڀلائي سان ڏيڻ وارا

          اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جا اخلاق ڪيترا نرالا هئا، الله وارن جو هي مبارڪ انداز آهي جو هو بُرائي جو جواب بُرائي سان ناهن ڏيندا، بلڪ ڀلائي سان ڏيندا هئا، الله پاڪ اسان کي به توفيق عطا فرمائي۔ آمين۔

قرآن ڪريم ۾ ارشاد آهي:

اِدْفَعْ بِالَّتِیْ هِیَ اَحْسَنُ السَّیِّئَةَؕ-  (پاره18،سورۂ مؤمنون:96)  

ترجمو ڪنزُ العرفان: سڀ کان سٺي چڱائي سان برائي کي دور ڪر۔

اچو! محبتِ خواجه غريب نواز ۾ نعرا هڻون ٿا:

خواجۂ خواجگاں!                        غریب نواز، غریب نواز        قبلۂ عارِفاں!                                          غریب نواز، غریب نواز

سیدِ زاہِداں!                                      غریب نواز، غریب نواز        زینتِ عارِفاں!                          غریب نواز، غریب نواز

مُرشِدِ ناقصاں!                           غریب نواز، غریب نواز        رہبرِ کامِلاں!                                          غریب نواز، غریب نواز

اے شہِ صالحاں!           غریب نواز، غریب نواز        ہم پہ ہوں مہرباں!               غریب نواز، غریب نواز


 

 



[1]...خواجہ اجمیر، صفحہ:66-67۔