Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

وقت شيخ شهابُ الدِّين سهروردي، شيخ داؤد ڪرماني، شيخ بُرهانُ الدِّين محمد چشتي ۽ ڪجھ ٻيا مشائخ موجود هئا، خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نماز بابت درس ڏيندي فرمايو: نماز مؤمن جي مِعراج آهي نماز تمام مقامات کان وڌيڪ آهي، الله پاڪ سان ملڻ نماز ئي کان شروع ٿئي ٿو، نماز هڪ راز آهي جيڪو ٻانهو پنهنجي رَبِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ بيان ڪري ٿو۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلْمُصَلِّی یُنَاجِی رَبَّہٗ([1]) نماز پڙھڻ وارو پنهنجي رّب سان راز جون ڳالهيون ڪري ٿو۔ ([2])

ہر عبادت سے برتَر عبادت نماز     ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نماز

پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈک ہے یہ قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نماز

بھائیو! گر خُدا کی رضا چاہئے        آپ پڑھتے رہیں باجماعت نماز

جو مسلمان پانچوں نمازیں پڑھیں     لے چلے گی انہیں سُوئے جنّت نماز

ہو گی دُنیا خراب، آخرت بھی خراب   بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

یاخُدا! تجھ سے عطّؔار کی ہے دُعا      مصطفےٰ کی پڑھے پیاری اُمّت نماز

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وُضُو جون سنتون سيکاريون

          اي عاشقانِ رسول! خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سنتون سيکاريندا هئا، جيئن هڪ ڏينهن خواجه بختيار ڪاڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ ٻيا ماڻهو بارگاھِ خواجه ۾ حاضِر هئا خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وُضُو جي ڪجھ سنتن بابت درس ڏيندي فرمايو: وُضُو ڪرڻ وقت آڱرين جو خلال ڪرڻ سُنّت آهي. هڪ ڀيري مان شيخ اَجَل شيرازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان گڏ هئس، شام جي نماز جو وقت ٿيو: شيخ اجل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تازو وُضُو ڪندا هئا، اتفاق سان سندن آڱرين جو خلال ڪرڻ وسري ويو، انهيء


 

 



[1]...مسند بزار، جلد:12، صفحہ:304، حدیث:6148۔

[2]...دلیل العارفین، صفحہ:5۔