Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مسجد درس

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ سُنتن جو پيغام عام ڪرڻ ۾ مَصرُوف آهي، اوهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ۽ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌ کان وڌ حِصو وٺو! الحمد للہ! دين ۽ دُنيا جون بيشُمار ڀلائيون نصيب ٿينديون ۽ الله پاڪ چاهيو ته فيضانِ اولياء به نصيب ٿيندو۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مسجد دَرس به آهي.

نيڪين سان محبت ۽ گناهن سان نفرت نصيب ٿي وئي

ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: مان هڪ ڪمپني ۾ ڊرائيور طور ملازِم هئس، ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ مان وقت گذارڻ جي لاءِ گھر جي ويجھو هڪ پارڪ ۾ هليو وييندو هئس ۽ پنهنجي عمر جي ٻين پوڙهن سان ڪچهري ڪندو رهندو هيس، جڏهن اذان ٿيندي هئي ته انهن سان گڏ مسجد هليو ويندو هئس۔ عِلمِ دين جي ڪمي جي سبب مان عبادت ۾ حقيقي لذت سان محروم هئس، هڪ ڏينهن جڏهن مان نماز پڙهڻ ويس ته نماز کان پوءِ هڪ مبلغِ دعوتِ اسلامي درسِ فيضانِ سُنت شروع ڪيو، اهو اسلامي ڀاءُ پهريان به درس ڏيندو هو پر اڄ خبر ناهي ڇو منهنجو ڌيان ان ڏانهن ويو، مان به درس ۾ شريڪ ٿيس، درس کان پوءِ هڪ اسلامي ڀاءُ محبت ڀري انداز ۾ مون کي پنج ئي نمازون پابندي سان پڙهڻ جو ذهن ڏنو، اُن اسلامي ڀاءُ جا محبت ڀريا لفظ تاثير جو تير بڻجي منهنجي دِل ۾ لهي ويا، ان کان پوءِ ته ڄڻ منهنجي زندگي ۾ بهار اچي وئي، اسلامي ڀائرن جي صحبت جو اهو اثر ٿيو ته مان نمازن جو پابند ٿي ويس ۽ ديني رنگ ۾ رنگجي ويس، چهري تي سُنت جي مطابق ڏاڙھي، مٿي تي عمامي جو تاج سجائي ورتو ۽ عِلمِ دين سکڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن جو مُسَافِر بڻجڻ لڳس۔ اهو سڀ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول جي برڪت آهي جو مون کي نيڪين سان محبت ۽ گناهن سان نفرت جو عظيم جذبو نصيب ٿي ويو۔