Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

دَامَتّ بَرَکاتُهمُ العَالِيه هر سال خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عرس شريف جي موقعي تي ڇٽي شريف جي نسبت سان 6 مدني مذاڪرن جو اهتمام ڪندا آهن، انهن مدني مذاڪرن ۾ امير اهلسنت دَامَتّ بَرَکاتُهمُ العَالِيه وقت بوقت خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سميت ٻين ولي سڳورن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جو ذِڪرِ خير به ڪندا آهن ۽ گڏوگڏ عاشقانِ اولياء کي نيڪي جي دعوت جا مدني گل به ارشاد فرمائيندا آهن۔

امير اهلسنت دَامَتّ بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو محبتِ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ ٻيو نِرالو انداز هي به آهي ته پاڻ مدني مذاڪري کان پهريان جلوسِ خواجه جو اهتمام فرمائيندا آهن، جنهن ۾ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شان ۾ نعرا به لڳايا ويندا آهن ۽ منقبتون به پڙھيون وينديون آهن۔ الله پاڪ انهن محبتن کي سلامت رکي، خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صدقي امير اهلسنت دَامَتّ بَرَکاتُهمُ العَالِيه کي وڏي  عُمر بالخير عطا فرمائي ۽ محبتِ اوليا جو اهو فيضان ساڳي طرح جاري ۽ ساري رهي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔

تیری الفت میں جیوں، تیری محبت میں مروں                   ہو کرم ایسا شہا! خواجہ پیا! خواجہ پیا!

ایک ذَرَّہ ہو عطا، عطّؔار کے ہو جائے گا     خواجہ! گھر بھر کا بھلا خواجہ پیا! خواجہ پیا!

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جو مختصر تَعارُف

پيارا اسلامي ڀائرو! خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڇهين صدي هجري جي وڏي مرتبي واري شخصيت آهن، پاڻ 537 هجري ۾ سِجِسۡتان جي علائقي ”سَنجر“ ۾ پيدا ٿيا، انهيء نسبت سان سندن کي ”سنجري“ چيو وڃي ٿو۔ خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو نالو مبارڪ حَسَن ۽ مُعِينُ الدِّين، غريب نواز، سلطان الهند، وارثُ النبي، عطاءِ رسول وغيره سندن جا مشهور لقب آهن۔([1])


 

 



[1]...فیضان خواجہ غریب نواز، صفحہ:2-3۔