Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

نيڪي جي دعوت حڪمتِ عملي سان ڏيو!

سيپاري: 14، سورت نَحل، آيت:125 ۾ ارشاد آهي:

اُدْعُ اِلٰى سَبِیْلِ رَبِّكَ بِالْحِكْمَةِ وَ الْمَوْعِظَةِ الْحَسَنَةِ  (پاره14،سورۂ نحل:125)

ترجمو ڪنز العرفان: پنهنجي رب جي رستي جي طرف حڪمت ۽ چڱي نصيحت سان سڏ.

هن آيت سڳوري ۾ الله پاڪ پنهنجي رسول، حضرت مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي حڪم ڏنو آهي ته اوهان الله پاڪ جي مخلوق کي حڪمتِ عملي سان ان جي واٽ ڏانهن سڏيو۔ امام ابنِ جرير رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حڪمت مان مراد اهو آهي جيڪو الله پاڪ پنهنجي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي نازِل فرمايو ۽ چڱي نصيحت مان مراد اهڙي نصيحت آهي جنهن ۾ خوفِ خُدا هجي، اڳوڻن اُمّتن جي عبرت و نصيحت وارا واقعا هجن، انهن جي ذريعي ماڻهن کي نصيحت ڪيو ته جيئن اهي الله پاڪ جي نافرماني کان بچن ۽ الله پاڪ جا فرمانبردار ٻانها بڻجي وڃن۔([1])

الله پاڪ اسان سڀني کي حُسنِ اَخلاق وارو، باعَمَل مبلغ بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه درس ڏيندا هئا

اي عاشقانِ رسول! خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مريدن جي تربيت به ڪندا هئا ۽ دَرس و بيان به ڪندا هئا۔ خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪامل مريد خواجه بختيار ڪاڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سندن جا چند دَرس جمع ڪيا آهن۔

نماز بابت خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو دَرس

خواجه بختيار ڪاڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: 5 رجب المرجب 514 هجري تي مان خواجه معين الدين چشتي اجميري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿيس۔ ان

 



[1]...تفسیر ابن کثیر، پارہ:14، سورۂ نحل، زیرِ آیت:125، جلد:2، صفحہ:29۔