Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

موجود هوندي آهي، کائيندي، پيئندي، اُٿندي ويهندي، ايندي ويندي، هر گھڙي، هر لمحي، جيئن ساھ هلندو رهندو آهي، ايئن ئي محبت به دِل ۾ موجود رهندي آهي۔ هونئن نيڪ ماڻهن جي محبّت هڪ مستقل نيڪي آهي، جنهن خوش نصيب کي اها محبت حاصِل آهي، الله نه ڪري! الله نه ڪري! جيڪڏهن هو ڪڏهن شيطان جي ورغلائڻ ۾ اچي گُنَاھ ۾ پئجي به وڃي، الله پاڪ اسان کي گناهن کان بچائي آمين، تڏهن به نيڪ ماڻهن جي محبّت ته ان جي دِل ۾ موجُود ئي هوندي، جيڪڏهن الله پاڪ چاهيو ته اولياءِ ڪرام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جي هن محبت ئي جي صدقي گُنَاهن جي معافي ملي ويندي۔

اعمال نہ دیکھے یہ دیکھا، ہے میرے ولی کے در کا گدا                           خالِق نے مجھے یوں بخش دیا ،  سُبْحٰنَ اللہ!  سُبْحٰنَ اللہ!

2 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

 (1):الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله پاڪ فرمائي ٿو: انهن ماڻهن تي منهنجي محبّت لازِم ٿي وئي جيڪي منهنجي رضا جي لاءِ پاڻ ۾ محبت ڪن ٿا۔([1]) (2): نبي اڪرم، نور مُجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: الله پاڪ جي رضا جي لاءِ پاڻ ۾ محبت ڪرڻ وارا قيامت جي ڏينهن سرخ ياقوت جي ٿنڀن تي هوندا، ٿنڀن جي مٿي 70 هزار ڪمرا هوندا۔ جڏهن انهن ۾ ڪو هيٺ ڏسندو ته ان جو حُسن جنتين جي گھرن کي ڀري ڇڏيندو جيئن سج جي روشني دنيا وارن جي گھرن کي ڀري ڇڏيندي آهي، جنّت وارا چوندا: اچو! رضاءِ اِلٰهي جي لاءِ پاڻ ۾ محبّت ڪرڻ وارن جي زيارت لاءِ هلون ٿا۔ پوءِ جنّتي (اتي ايندا ۽) اُنهن جي چهرن کي اهڙو چمڪندڙ ڏسندا جيئن چوڏھين جي رات جو چنڊ چمڪندو آهي، هي (يعني الله پاڪ جي رضا جي لاءِ پاڻ ۾ محبت ڪرڻ وارا) سبز لباس پاتل هوندا، انهن جي پيشانين تي لکيل هوندو : ھٰؤُلَآءِالْمُتَحَابُّوْنَ فِی اللہِ هي اهي ماڻهو آهن جيڪي الله پاڪ جي رضا جي لاءِ پاڻ ۾ محبت ڪندا هئا۔([2])


 

 



[1]...مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب الجنۃ، جلد:8، صفحہ:88، حدیث:147۔

[2]...مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب الجنۃ، جلد:8، صفحہ:88، حدیث:148۔