Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

تيل لڳائڻ ۽ ڪنگھي ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

2 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: : جڏهن توهان مان ڪو تيل لڳائي ته ڀروئن کان شروع ڪري، ان سان مٿي جو سور پري ٿيندو آهي۔([1]): جنهن جا وار هجن اهو ان جو اِحترام ڪري. ([2]) يعني انهن کي ڌوئي، تيل لڳائي ڪنگھي ڪري۔([3])

 اي عاشقانِ رسول! حضرت سيدُنا اَنَس رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ جا محبوب
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مٿي مبارڪ ۾ اڪثر تيل لڳائيندا ۽ ڏاڙهي ۾ ڪنگھي ڪندا هئا ۽ اڪثر مٿي مبارڪ تي ڪپڙو (يعني سَربند شريف) رکندا هئا ايستائين جو اهو ڪپڙو تيل سان تَر رهندو هو، خبر پئي سَر بَند جو استعمال سنّت آهي، اسلامي ڀائرن کي گھرجي جڏهن به مٿي تي تيل لڳائين، هڪ ننڍو ڪپڙو مٿي تي ٻڌي ڇڏين، هن طرح اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٽوپي ۽ عمامو شريف تيل جي آلودگي کان ڪافي حد تائين مَحفوظ رهندا۔ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

تیل کی بوندیں ٹپکتی نہیں بالوں سے رضا                صبحِ عارِض پہ لُٹاتے ہیں ستارے گیسو رضا

* مٿي ۽ ڏاڙهي جا وار صابڻ وغيره سان ڌوئڻ جنهن جو معمول نه آهي انهن جي وارن ۾ اڪثر ڌپ ٿي ويندي آهي پاڻ کي جيتوڻيڪ ڌپ نه ايندي هجي پر ٻين کي ايندي آهي. وات، بدن ۽ لباس وغيره مان ڌپ ايندي هجي ته انهيء حال ۾ مسجد ۾ وڃڻ حرام آهي جو هن سان ماڻهن ۽ فِرشتن کي ايذاء ٿيندو آهي، ها ڌپ لڪيل هجي جيئن بغل جي ڌپ وغيره ته انهيءَ ۾ حرج ناهي * حضرت سيدُنا نافع رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي ته حضرت سيدُنا ابن عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا تيل لڳائيندا هئا. وارن ۾ تيل


 

 



[1]...جامع صغیر، صفحہ:28، حدیث:369۔

[2]...ابو داؤد، کتاب: الترجل، باب:فی اصلاح الشعر، صفحہ:653، حدیث:4163۔

[3]...اشعۃ اللمعات، جلد:3، صفحہ:617۔