Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

نيڪن ماڻهن سان محبت اَفضَل نيڪي آهي

 بيشڪ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي محبت لازوال دولت ۽ تمام وڏي سعادت آهي۔ هڪ ڀيري الله پاڪ حضرت موسيٰ ڪليم الله عَلَيۡهِ السَّلَام ڏانهن وحي فرمائي: اي موسيٰ! ڇا ڪڏهن منهنجي لاءِ ڪو عَمَل ڪيو اَٿئي؟ عرض ڪيائين: ياالله پاڪ! مان نمازون پڙھندو آهيان، تنهنجي لاءِ، روزا رکندو آهيان تنهنجي لاءِ، صدقو خيرات ڪندو آهيان، تنهنجي لاءِ، هي سموريون نيڪيون تنهنجي لاءِ ئي ڪندو آهيان۔ الله پاڪ فرمايو: موسيٰ! اوهان نماز پڙھو ٿا، هي قيامت جي ڏينهن اوهان جي لاءِ دليل ٿيندي، اوهان روزو رکو ٿا، قيامت جي ڏينهن هي اوهان جي لاءِ ڍال ٿيندو، اوهان صدقو ڪيو ٿا، هي قيامت جي ڏينهن اوهان جي لاءِ ڇانو ٿيندو۔ اي موسيٰ! هي سڀ ته توهان جي لاءِ ئي ٿيو، منهنجي لاءِ ڇا ڪيو؟ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: اِلٰهي! تون ئي ٻڌا اهو ڪهڙو عَمَل آهي جيڪو خاص تنهنجي لاءِ هجي؟ ارشاد فرمايو: اي موسيٰ! ڇا تو ڪڏهن منهنجي لاءِ ڪنهن سان محبت ڪئي آهي؟ ان وقت حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ڄاڻي ورتو ته الله پاڪ جي رضا جي خاطِر ٻين سان محبت ڪرڻ اَفضَل ترين عَمَل آهي۔([1])

سُبحٰنَ الله! معلوم ٿيو؛ الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ماڻهن سان محبت ڪرڻ اَفضَل ترين نيڪي آهي، الحمد لله! اسان کي خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان محبت آهي، اسان کي حُضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان محبت آهي، داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان محبت آهي، اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان محبت آهي، الله پاڪ جي فضل سان اسان کي سمورن ولين سڳورن سان ۽ پنهنجي پيرومرشد سان به  محبت آهي ۽ ظاهر آهي هي محبت ڪنهن لاءِ آهي؟ الله پاڪ جي رضا جي لاءِ آهي، ان لاءِ آهي جو هي سڀئي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها هئا، الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا فرمانبردار هئا، الله پاڪ انهن کي


 

 



[1]...احیاءُالعلوم مُتَرْجَم، جلد:2، صفحہ:580۔