Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

نصيب فرمائي۔ هڪ مسئلي جي وضاحت ٻُڌو! حضرت فضيل بن عياض رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان وُضُو جي هڪ سُنّت رهجي وئي ته پاڻ نماز دهرائي، هي سندن تقويٰ آهي، نه ته وُضُو جي سُنّت رهجي وڃي ته توڙي سُنّت تي عَمَل جو ثواب ناهي ملندو، البت نماز ٿي ويندي آهي ۽ دُهرائڻ جي به حاجت ناهي۔

مِری عادتیں ہوں بہتر بنوں سُنَّتوں کا پیکر  مجھے متقی بنانا مَدنی مدینے والے

تِری سنّتوں پہ چل کر مری روح جب نکل کر  چلے تُو گلے لگانا مَدنی مدینے والے

شہا!ایسا جذبہ پاؤں کہ میں خوب سیکھ جاؤں  تری سنّتیں سکھانا مَدنی مدینے والے([1])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

نمازِ اشراق بابت خواجه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو درس

هڪ ڏينهن خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه دَرس ڏيندي فرمايو: الله پاڪ سان محبّت ڪرڻ وارن جو طريقو آهي ته صبح (يعني فجر) جي نماز ادا ڪري سج نڪرڻ تائين نماز واري هنڌ تي ويٺا رهندا آهن، ان جو مقصد هي آهي ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ مقبول ٿي وڃون ۽ انهن تي هر وقت نور جي تجلي رهي، اهڙو شخص جڏهن صبح جي نماز ادا ڪري جاءِ نماز تي ويٺل رهي ٿو ته ملائڪن کي حڪم ٿئي ٿو ته جيستائين هي نه اُٿي، ان وقت تائين ان وٽ وڃي ان جي بخشش جي دعا گھرو۔

پوءِ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن باري ۾ هڪ واقعو بيان ڪندي فرمايائون: هڪ ڪفن چور 40 سال تائين ڪفن چوري ڪندو رهيو، آخر جڏهن مئو ته ڪنهن ان کي خواب ۾ ڏٺو ته جنّت ۾ گھمي رهيو آهي، خواب ڏسڻ واري ان جو سبب پڇيو ته چيائين: منهنجي هڪ عادت هي هئي، ته جڏهن مان صبح جي نماز ادا ڪندو هئس ته سج نڪرڻ تائين يادِ اِلٰهي ۾ مشغول رهندو هئس، پوءِ اشراق جي نماز ادا ڪندو هئس۔ الله پاڪ جيئن ته گھڻو بخشيندڙ آهي، الله پاڪ منهنجي هن هڪ عَمَل کي قبول فرمايو ۽ مون کي بخشي ڇڏيو۔([2])


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:428۔

[2]...دلیل العارفین، صفحہ:8۔