Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

هاروَنِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ مان رُخصت ٿيڻ کان بعد مديني پاڪ حاضِر ٿيا ۽ اتي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ شهر ۾ عبادت ۽ رياضت ۾ مَصرُوف ٿي ويا، هڪ ڏينهن کين سَيدُ المُرسَلِين، خَاتَمُ النَّبِيٖنَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي طرفان هي بشارت ملي ته اي مُعِينُ الدِّين! تون اسان جي دين جو مُعِين (يعني مددگار) آهين، اسان توکي هند جي ولايت عطا ڪئي آهي، اجمير وڃ! تنهنجي وُجُود سان بي ديني پري ٿيندي ۽ اسلام جي رونق ۾ اِضافو ٿيندو۔([1])

پوءِ خواجه اجمير، خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اجمير شريف آيا ۽ دِينِ اسلام جي تبليغ شروع فرمائي، سندن مسلسل ڪوششن سان ماڻهن جي ٽولن جا ٽولا اسلام ۾ داخِل ٿيڻ لڳا، الحمد لله! اسان جي آقا، خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 90 لک ڪافِرن کي ڪلمو پڙھائي مسلمان ڪيو۔

خواجۂ خواجگاں!                        غریب نواز، غریب نواز        قبلۂ عارِفاں!                                          غریب نواز، غریب نواز

سیدِ زاہِداں!                                      غریب نواز، غریب نواز        زینتِ عارِفاں!                          غریب نواز، غریب نواز

حامیِ بےبساں!                غریب نواز، غریب نواز        ہیں کسِ بے کساں!         غریب نواز، غریب نواز

اے شہِ صالحاں!           غریب نواز، غریب نواز        ہم پہ ہوں مہرباں!               غریب نواز، غریب نواز

خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اندازِ تبليغ

پيارا اسلامي ڀائرو! بيشڪ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه باڪرامت ولي هئا، پاڻ ڪرامتون ڏيکاري ڪيئي غير مسلمن کي مسلمان ڪيو، ان سان گڏوگڏ هند ۾ اسلام جو نُور پکڙجڻ ۾ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نرمي، رحمدلي ۽ شفقت ڀري اخلاق جو به تمام وڏو ڪردار آهي۔ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه شروع ۾ جڏهن هند ۾ آيا، ان وقت اتي جي ڪافِر بادشاھ مَعَاذَالله! کين ستائڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي، دين جي تبليغ واري راھ ۾ رنڊڪون وڌيون، ڪڏهن


 

 



[1]...ہند کے راجہ، صفحہ:75۔