Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

محبوب ٻانهو، محبتِ الٰهي ۾ وِصَال ڪري ويو۔ حضور خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزار مُبَارَڪ هند جي مشهور شهر اجمير صوبي راجِستان اُتر هند ۾ آهي۔([1])

خواجۂ ہند وہ دربار ہے اعلیٰ تیرا      کبھی محروم نہیں مانگنے والا تیرا

    پھر مجھے اپنا دَرِ پاک دِکھا دو!        آنکھیں پُر نور ہوں پھر دیکھ کر جلوہ تیرا

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عِلمِ دين سان محبت

 خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عِلمِ دين جا وڏا شيدائي هئا، سندن عُمر 15 سال هئي، جڏهن والدِ محترم جو انتقال ٿي ويو، وِراثت ۾ سندن کي هڪ باغ ۽ هڪ پَن چڪي (يعني پاڻي سان هلندڙ چڪي) ملي، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه باغ ۽ پَن چڪي وڪڻي ڇڏيائون، ۽ باقِي جيڪو سامان سَڙو هو، سمورو وڪڻي، اها قيمت فقيرن، مسڪينن تي صدقو ڪيائون ۽ پاڻ راههِ عِلمِ دين جا مُسَافِر بڻجي ويا۔ پهريان پاڻ سمرقند ويا، اتي قرآنِ ڪريم حفظ ڪيائون.([2]) ۽ مولانا شَرفُ الدِّين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ ديني علم پرايائون، خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيئن جيئن عِلم سکندا هئا، عِلم جي پياس ويتر وڌندي هئي، پوءِ سمرقند ۾ عِلم سکي بخارا جو ارادو ڪيائون ۽ اتي جي مشهور عالِمِ دين شيخ حُسَّامُ الدِّين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شاگردي اختيار ڪيائون، ڪم وبيش 5 سال جي مختصر عرصي ۾ پاڻ ان وقت جا رائج عُلُوم سکي فراغت حاصِل ڪيائون، ظاهري عُلُوم سکڻ کان پوءِ پاڻ باطني عُلُوم ڏانهن متوجھ ٿيا ۽ ان جي لاءِ ايران جي علائقي ”هاروَن“ پهتا، اتي حضرت خواجه عُثْمان هارْوَني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هٿ تي بيعت ڪيائون ۽ تقريباً 20 سالن تائين پير صاحب جي خدمت ۾ حاضِر رهي معرفت جون منزلون طَئي ڪندا رهيا۔ ([3])


 

 



[1]...فیضان خواجہ غریب نواز، 25-26۔

[2]...اقتباس الانوار، صفحہ:347ملتقطاً۔

[3]...مرآۃ الاسرار، صفحہ:594خلاصۃً۔