Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

پاڪ جي رضا جي لاءِ محبت آهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جيڪڏهن الله پاڪ چاهيو ته انهن نيڪ ماڻهن جي محبت ئي جي برڪت سان اسان انهن جي پويان پويان جنّت ۾ پهچي وينداسين۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلمَرءُ مَعَ مَن اَحَبَّ (قيامت جي ڏينهن) انسان ان سان گڏ هوندو، جنهن سان هو محبت ڪري ٿو۔([1])

بھیک دے الفتِ مصطفےٰ کی       سب صَحابہ کی، آلِ عَبَا کی

غوث و خواجہ کی احمد  رضا کی        میرے  مولیٰ  تو  خیرات  دیدے([2])

نوٽ: حضرت عَلي، حضرت فاطمه ۽ امامِ حسن ۽ امام حسين رَضِي الله عَنهم کي آلِ عَبَا چيو ويندو آهي۔

الله پاڪ اولياءِ ڪرام سان اسان جي محبت کي سدا سلامت رکي بلڪ هن کي ويتر مضبوط فرمائي۔ ڪاش! اسان مرڻ گھڙي تائين تمام اصحابن ۽ اَهلِ بيت ۽ سمورن ولين سڳورن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جا باادب ۽ وَفادار رهون.  آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

امير اهلسنت جي خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان محبت

اي عاشقانِ اولياء! الحمدلله! شيخِ طريقت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علَّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتّ بَرَکاتُهمُ العَالِيه تمام صحابه و اَهلِ بيت عَلَيهمُ الرِّضوَان ۽ اولياءِ ڪرامرَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم سان بيحد محبت ۽ عقيدت رکندا آهن، خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان به سندن محبت پنهنجو مثال پاڻ آهي۔ امير اهلسنت دَامَتّ بَرَکاتُهمُ العَالِيه خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان بيحد پيار ڪن ٿا، پاڻ پنهنجي نعتيه ڪتاب وسائِلِ بخشش ۾ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون 3 مَنقبتون لکيون آهن ۽ پاڻ خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪرامتن بابت باقاعده هڪ رسالو پڻ لکيو آهي، جنهن جو نالو آهي: خوفناڪ جادُو گر۔ الحمد لله! امير اهلسنت


 

 



[1]...مسلم، کتاب البر والصلۃ، باب:المرء مع من احب، صفحہ:1018، حدیث:2640۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:124۔