Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي لاءِ پاڻي بند ڪرڻ جي ڪوشش ٿي، ڪڏهن کين هِند مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جنهن هَنڌ ويندا هئا، اتان کان کين اُٿاريو به ويو، پر پاڻ همت نه هاريائون، استقامت سان، حُسنِ اخلاق سان، نرمي سان، حڪمتِ عَمَلي سان دين جي تبليغ ڪندا رهيا، روڪڻ وارا سندن مبارڪ مقصد جي سامهون رڪاوٽون بيهاريندا رهيا پر خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي استقامت جي سامهون ڪا رُڪاوٽ رُڪاوٽ نه بڻجي ۽ هِند ۾ اسلام جو نُور ڦهلجي ويو۔

حُسنِ اَخلاق ڏسي ڪافِر مسلمان ٿي  ويو

هڪ ڀيري هڪ شخص خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيائين: هڪ عرصي کان قدم بوسِي (پير چُمڻ يعني اوهان جي خدمت ۾ حاضِر ٿيڻ) جي تمنا ھئي، شڪر آهي جو اڄ اها نعمت ملي آهي۔

الله اَڪبَر! الله وارن جو شان ئي نرالو آهي، هو شخص ڪافِر هو ۽ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي معاذَ الله! قتل ڪرڻ جي ارادي سان آيو هو پر زبان سان خوشامدي واريون ڳالهيون ڪري رهيو هو، خواجه صاحب ته پوءِ خواجه صاحب آهن، پاڻ ان جي ڳالھ ٻڌي فرمايائون: جنهن نيت سان آيا آهيو، اهو ڪم ڪيو! بس ايترو ٻڌندي ئي هو شخص خوف وچان ڏڪڻ لڳو ۽ زمين تي ڪِري پيو، ان عاجزي سان عرض ڪيو: حُضُور! منهنجي اهڙي ڪا نيت نه هئي، مون کي فُلاڻي شخص ورغلائي موڪليو هو، اِهو چئي ان بغل ۾ لڪايل خنجر ڪڍي سندن اڳيان رکي ڇڏيو۔

 خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو شان ڏسو! پاڻ فرمايائون: ڪنهن جو نالو نه وٺو! نه ڪنهن جو راز کوليو...!

سُبحٰنَ الله! پهريان ان شخص خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪرامت ڏٺي هئي، هاڻي عيب لڪائڻ وارو شان پڻ ڏٺائين، هاڻي هو سندن چاهڻ وارو ئي ٿي ويو، ان پنهنجو مٿو خواجه حُضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي قدمن تي رکندي عرض ڪيو: سائين!