Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

اي عاشقانِ رسول! الله وارن جا اهي ئي اعليٰ اَخلاق آهن جن کي ڏسي ڪافِر ڪلمو پڙهندا هئا، انهيءَ اعليٰ اَخلاق جي ذريعي دِين اسلام جي روشني سڄي دُنيا ۾ پکڙجي آهي، ڪاش! اسان کي به نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو جذبو نصيب ٿي وڃي، اي ڪاش! اسان کي سٺا اخلاق نصيب ٿي وڃن، اسان به معاف ڪرڻ وارا بڻجون، جيڪو اسان سان بُرائي ڪري، اسان ان سان چڱائي سان پيش اچون، ڪاش! ڪاش! اسان جا اخلاق سنورجي وڃن ۽ نرمي سان، پيار سان، حڪمتِ عملي سان نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ وارا بڻجي وڃون۔

میں مبلغ بنُوں سنّتوں کا، خُوب چرچا کروں سنّتوں کا

یاخُدا! درس دوں سنّتوں کا، ہوکرم! بَہرِخاکِ مدینہ([1])

سڀ کان چڱي ڳالھ

سيپاري:24، سورت حٰم السجدۃ، آيت:33 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ مَنْ اَحْسَنُ قَوْلًا مِّمَّنْ دَعَاۤ اِلَى اللّٰهِ وَ عَمِلَ صَالِحًا  (پاره24،سورۂ حٰم السجدۃ:33) 

ترجَمو ڪنزُ العرفان: ان کان وڌيڪ ڪنهن جي ڳالھ چڱي جيڪو الله جي طرف سڏي ۽ نيڪي ڪري.

هڪ قول مطابق هن آيت سڳوري ۾ هي ٻڌايو ويو آهي ته هر اهو مسلمان جيڪو نيڪ عمل ڪري ۽ ٻين کي نيڪي جي دعوت ڏئي، ان جي ڳالھ سڀ کان چڱي آهي۔ سُبحٰنَ الله! مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن آيت مان معلوم ٿيو ته رَبّ کي ان جو ڳالهائڻ وڻي ٿو، جيڪو دعوتِ خير (يعني نيڪي جي دعوت) ڏئي، توڙي جو ان جو آواز مناسب نه هجي ۽ ڳالهيون معمولي (يعني ساده ساده) هجن۔([2]) الله پاڪ اسان سڀني کي نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ نصيب ڪري۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:189۔

[2]...تفسیر نور العرفان، پارہ 24، سورۂ حٰم السجدۃ، زیر آیت:33، صفحہ:576و843۔