Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

الله پاڪ تو سان محبت فرمائي ٿو...!

حديثِ پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ جي پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: هڪ شخص هو، اُهو پنهنجي ديني ڀاءُ سان ملاقات جي لاءِ نڪتو، الله پاڪ ان جي واٽ تي هڪ ملائڪ کي (انساني شڪل ۾) ويهاري ڇڏيو۔ جڏهن اُهو ملائڪ جي ڀرسان لنگھيو ته ملائڪ ان کي روڪي پڇيو: ڪٿي جو ارادو ڪيو آهي؟ چيائين: مان پنهنجي فُلاڻي ديني ڀاءُ سان ملاقات جي لاءِ وڃي رهيو آهيان۔ ملائڪ پڇيائين: ڇا ان سان توکي ڪو ڪم آهي؟ چيائين: نه، ڪو ڪم نه آهي۔ ملائڪ وري پڇيو: ڇا هو تنهنجو مائٽ آهي؟ جواب ڏنائين: نه، رشتيدار به ناهي۔ ملائڪ ٽيون سُوال ڪيو: ڇا ان توتي ڪو احسان ڪيو آهي؟ ان شخص چيو: نه، ڪو اِحسان به ناهي ڪيو۔ پڇيائين: پوءِ ان سان ملاقات لاءِ ڇو پيا وڃو؟ خوش نصيب شخص چيو: مان ان سان الله پاڪ جي لاءِ محبت ڪيان ٿو، هي ٻڌي ملائڪ چيائين: بيشڪ مان الله پاڪ جو موڪليل ملائڪ آهيان، مان توکي اِهو ٻڌائڻ آيو آهيان ته تون پنهنجي ديني ڀاءُ سان الله پاڪ جي رضا جي لاءِ محبت ڪرين ٿو، ان محبت جي برڪت سان الله پاڪ به توسان محبت فرمائي ٿو۔([1])

سُبحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي الله پاڪ جي لاءِ محبت رکڻ جي برڪت!! ڪڏهن سروي ڪريو! سڄي دُنيا ۾ جيترا عاشقانِ اوليا آهن، ان کان پڇي وٺو! توهان غوثِ پاڪ جو عرس ڇو ملهايو ٿا؟ توهان داتا حُضُور سان محبت ڇو ڪيو ٿا؟ توهان خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا تذڪرا ڇو ڪيو ٿا؟ توهان فيضانِ اعليٰ حضرت جا نعرا ڇو لڳايو ٿا؟ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هر عاشقِ رسول، هر عاشقِ اوليا اهو ئي چوندو ته مون کي انهن نيڪ ماڻهن سان الله


 

 



[1]...مسلم، کتاب البر والصلۃ، باب:فی فضل الحب فی اللہ، صفحہ:996، حدیث:2567۔