Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

تبرڪات عطا ڪري فرمايائون: اهي تبرڪات اسان جي پيرانِ طريقت جي يادگار آهن جيڪي رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان اسان تائين پهتا آهن، هي هاڻي اسان توکي ڏنا آهن۔ انهن کي اهڙي طرح پاڻ وٽ سنڀالي رکجان جيئن اسان پاڻ وٽ رکيا آهن۔

هي ارشاد فرمائي پيرِ ڪامِل پنهنجي مريدِ ڪامِل خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي سيني سان لڳايائون، مٿي ۽ اکين تي چمي ڏيندي فرمايائون: مان توکي رب جي حوالي ڪيان ٿو۔([1]) اچو! وري نعرا لڳايون ٿا۔

خواجۂ خواجگاں!                        غریب نواز، غریب نواز        قبلۂ عارِفاں!                                          غریب نواز، غریب نواز

مُرشِدِ ناقصاں!                           غریب نواز، غریب نواز        رہبرِ کامِلاں!                                          غریب نواز، غریب نواز

حامیِ بےبساں!                غریب نواز، غریب نواز        ہیں کسِ بے کساں!         غریب نواز، غریب نواز

اے شہِ صالحاں!           غریب نواز، غریب نواز        ہم پہ ہوں مہرباں!               غریب نواز، غریب نواز

خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بطور مبلغِ اسلام

پيارا اسلامي ڀائرو! خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بيشُمار خوبين ۽ ڪمالات مان هڪ نُمايان خوبي هي آهي ته حضرت خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مبلغِ اسلام آهن۔ عالم سڳورا فرمائن ٿا: هند اها سرزمين آهي، جتي ڪو نبي عَلَيۡهِ السَّلَام نه آيو، ان ڪري اتي ڪفر ۽ شِرڪ ڪجھ وڌيڪ ئي عام هو، حضرت خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه يقيناً نبي ته نه آهن، ۽ پاڻ نبين جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اُمَّتي آهن۔الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي هند ۾ اسلام جي تبليغ جي ذِميداري عطا فرمائي هئي۔

خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هند ۾ آمد

منقول آهي: خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پير و مرشِد خواجه عُثمان


 

 



[1]...ہند کے راجہ، صفحہ:72-73۔