Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

عزّت سان نوازيو هو، الله پاڪ انهن جو رُتبو وڌايو هو، ان ڪري اسان کي انهن بزرگن سان محبت آهي ۽ اسان الله پاڪ جي رحمت سان وڏي اُمِّيد رکون ٿا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اولياءِ ڪرام جي اها محبت اسان جي بخشش جو ذريعو به بڻجندي ۽ جنّت ۾ داخلا جو سبب به بڻجي ويندي۔

ہم کو اللہ اور نبی سے پیار ہے      اِنْ شَآءَ اللہ! اپنا بیڑا پار ہے

اُمّہات المؤمنین و چار یار         سب صحابہ سے ہمیں تو پیار ہے

غوث و خواجہ داتا اور احمد رضا      سے بھی اور ہر اِک ولی سے پیار ہے([1])

اِنْ شَآءَ اللہ! اپنا بیڑا پار ہے

اِبنِ سمَّاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نرالي دُعا

حضرت اِبنِ سمَّاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ بزرگ گذريا آهن، امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن حضرت اِبنِ سمَّاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو آخري وقت آيو ته پاڻ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا گھريائون: ياالله پاڪ! توکي خبر آهي! جڏهن مان گُنَاھ ڪندو هئس، ان وقت به تنهنجي نيڪ ٻانهن جي محبت منهنجي دِل ۾ موجود هوندي هئي، اي الله پاڪ! هن محبت جي صدقي مون کي پنهنجو قرب عطا فرماءِ۔([2])

 سُبحٰنَ الله! ڪيتري نرالي دُعا آهي! اسان جو حُسنِ ظَنّ آهي ته حضرت اِبنِ سمَّاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه گُنَاھ نه ڪندا هئا، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ته وڏا نيڪ بزرگ هئا، کين عاجزي ڪندي گُنَاھ واري ڳالھ ڪئي۔ البت گُنَاھ جيڪو آهي، هي هڪ عَمَل آهي ۽ عَمَل جو مَحدُود وقت (Time period) ٿيندو آهي، جڏهن ته محبت عَمَل نه آهي بلڪ محبت هڪ وَصف آهي ۽ وَصف جو محدُود وقت (Time period) ناهي هوندو، جنهن خوش نصيب کي نيڪ ماڻهن جي محبت نصيب ٿي وڃي، هو سُتل هجي، تڏهن به دِل ۾ محبت موجود هوندي آهي، جاڳندو هجي، تڏهن به محبت


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:700۔

[2]...احیاءُالعلوم مترجم، جلد:2، صفحہ:579۔