Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل عَمل آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! هر جائز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي، ڇوته سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکندس * سڄو بيان ٻڌندس * اَدب سان ويهندس * تَوَجّهه سان ٻُڌندس * پنهنجي اصلاح جي لاءِ بيان ٻڌنديس * جيڪو ٻُڌندس ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔  

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                             صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

ظالِم بادشاه توبه ڪري ورتي...!

حضرت علَّامه اَرشدُ القادري صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا عاشقِ رسول، عالِمِ دين هئا، کين نَبَّاضِ مِلّت (يعني قوم جو مزاج سڃاڻڻ وارو) به چيو وڃي ٿو، عَلَّامه اَرشدُ القادري صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: هڪ بادشاھ وڏو ظالِم ۽ بدمزاج هو، ان جو شهر جي ويجھو هڪ نهايت خُوبصُورت باغ هو، جنهن ۾ صاف ۽ شفّاف پاڻي جو حوض هو۔ هڪ ڀيري خواجه غريب نواز، خواجه معينُ الدِّين چشتي اجميري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اتان کان گذر ٿيو، خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان باغ اندر تشريف وٺي ويا، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حوض جي پاڻي مان غسل ڪيو، نماز ادا ڪئي ۽ اتي ويهي تِلاوتِ قرآن ۾ مَصرُوف ٿي ويا۔ ايتري ۾ بادشاھ جي اچڻ جو شور بُلند ٿيو۔ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان شور ڏانهن بلڪل ڌيان نه ڏنو ۽ اطمينان سان تِلاوت ۾ مَصرُوف رهيا۔ جڏهن ظالِم بادشاھ شاهاڻي شان ۽ شوڪت سان باغ ۾ داخل ٿيو ته حوض جي ويجھو سادي لباس ۾ هڪ نيڪ صفت شخص کي ڏٺائين ته ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ سپاهين کي ڪاوڙ وچان چيائين: هن


 

 



[1]...جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284۔