Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

نصيب ٿي، پير و مرشِد منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ مون کي الله پاڪ جي حوالي ڪري ڇڏيو۔ ان کان بعد ميزابِ رحمت جي هيٺ بيهي منهنجي حق ۾وڏي رقت انگيز دُعائون گھريون، غيب مان آواز آيو: اسان مُعِينُ الدّين کي قبول ڪري ورتو۔([1])

خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: مڪي پاڪ جون برڪتون حاصِل ڪرڻ کان بعد پير و مرشِد ان نوراني شهر جو رُخ ڪيو جيڪو سڄي ڪائنات جو مرڪزِ عشق آهي، يعني اسان مديني پاڪ جي پُرنُور فضائن ڏانهن هلڻ شروع ڪيو، جيئن ئي مدينه طيبه جي نوراني در و دِيوار تي نظر پئي، شوق واري جذبي سان دِل جي ڪيفيت بدلجي وئي، هن محبوب سرزمين جي خاڪ کي اکين تي لڳايو، ان کي چمي دِل کي سڪون پهچايو۔ هاڻي سلطانِ عالميان، رحمتِ ڪون و مڪان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ عالي ۾ حاضري ملي، جڏهن مواجهه شريف ۾ (يعني حضور پُرنور، آخري نبي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چهري انور جي سامهون) پهتس ته پير و مرشِد فرمايو: ٻنهي جهانن جي مالِڪ ۽ مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ سلام عرض ڪيو! مون انتهائي ادب ۽ احترام سان سلامِ شوق عرض ڪيو۔ روضي مبارڪ مان آواز آيو: وَعَلَيڪمُ السلّام اي قُطبُ المشائِخ!

بس هي جواب ٻڌڻ بعد پير و مرشِد شڪراڻي جو سجدو ادا ڪيو ۽ مون کي فرمايائون: هاڻي تون ڪمال واري درجي تي پهچي ويو آهين۔([2])

سُبحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! قربان وڃو! ڇا شان آهي اسان جي خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي! حضرت خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 20 سال پنهنجي پير و مرشد جي خدمت ۾ حاضِر رهيا، خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عمر مبارڪ اٽڪل 52 سال هئي، جڏهن پاڻ پنهنجي پيرو مرشِد کان جدا ٿيا۔ آخري وقت پيرِ ڪامِل حضرت خواجه عُثمان هاروَنِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کين خلافت سان نوازيو، پوءِ ڪجھ


 

 



[1]...ہند کے راجہ، صفحہ:72۔

[2]...ہند کے راجہ، صفحہ:72۔