Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

وقت غيبي ملائڪ آواز ڏنو: اي اَجَل! تون اسان جي مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت جي دعويٰ ڪرين ٿو، اُن جي اُمّت ۾ آهين پر اُن جي سُنّت ڇڏين ٿو؟ شيخ اَجَل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهيء وقت قسم کنيو ته هاڻي مرڻ گھڙي تائين ڪا سُنّت نه ڇڏيندس۔ پوءِ پاڻ ايئن ئي ڪيو۔

ان وقت کان بعد هڪ ڏينهن منهنجي(يعني خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي) شيخ اَجَل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان ملاقات ٿي، پاڻ پريشان هئا، مون پريشاني جو سبب پڇيو ته فرمايائون: ان ڏينهن مون کان آڱرين جو خِلال رهجي ويو هو، ان لاءِ فِڪر مند آهيان ته قيامت جي ڏينهن نبي اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي هي منهن ڪيئن ڏيکاريندس...!!

خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه درس جو سلسلو اڳتي وڌائيندي فرمايائون: وُضُو ۾ هر عُضو کي ٽي ڀيرا ڌوئڻ سُنّت آهي۔ جيئن حديثِ پاڪ ۾ آهي: هر عُضو کي ٽي ڀيرا ڌوئڻ منهنجي ۽ مون کان اڳوڻن نبين جي سُنّت آهي۔([1])

هڪ ڏينهن حضرت فضيل بن عياض رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وُضُو ڪري رهيا هئا، پاڻ هٿ 2 ڀيرا ڌوتائون، باقِي وُضُو ڪري نماز ادا ڪئي۔ انهيء رات خواب ۾ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي، غيب ڄاڻڻ واري نبي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: مون کي ته تعجب آهي جو توهان جي وُضُو ۾ ڪمي رهجي وڃي۔ حضرت فضيل بن عياض رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هي فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻُڌي خوف سبب بيدار ٿيا، هڪدم تازو وُضُو ڪيائون، نماز به دُھرائي، ۽ هي هڪ سُنّت رهجڻ جي ڪفاري ۾ هڪ سال تائين روزانو 500 رڪعت نفل پڙھڻ جي پڪي نيت ڪري ورتي۔([2])

الله اَڪبَر! هي آهي سُنّت سان محبت...!! الله پاڪ اسان کي به پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري سُنتن سان بي پناھ محبت


 

 



[1]...ابن ماجہ، کتاب الطہارۃ، باب:ماجاء فی الوضو، صفحہ:79، حدیث:420۔

[2]...دلیل العارفین، صفحہ:6۔