Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

جو گھڻو استعمال خاص ڪري عِلم وارن لاءِ مفيد آهي جو هن سان مٿي ۾ خشڪي ناهي ٿيندي، دماغ تَر ۽ حافظو قوي ٿيندو آهي.* مڪي، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن تيل استعمال فرمائيندا هئا ته پهريان پنهنجي کاٻي تري تي تيل وجھندا هئا، پوءِ ٻنهي ڀِرئن تي، پوءِ ٻنهي اکين تي ۽ پوءِ مٿي مبارڪ تي لڳائيندا هئا * سرڪارِ نامدار، مديني جا تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن ڏاڙهي مبارڪ کي تيل لڳائيندا هئا ته عَنفَقَه (يعني چپ ۽ ڄاڙي جي وچ واري وارن) کان ابتدا ڪندا هئا. * ڏاڙهيءَ ۾ ڪنگھي ڪرڻ سنت آهي * بنا بِسمِ الله پڙهڻ جي تيل لڳائڻ ۽ وارن کي خشڪ ۽ وکريل رکڻ خلافِ سنت آهي * حديث پاڪ ۾ آهي: جنهن بنا بِسْمِ الله پڙهي تيل لڳايو ته 70 شيطان ان ۾ شريڪ ٿي ويندا آهن* حضرت سيدُنا امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل ڪن ٿا، حضرت سيِّدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ دفعي مؤمن جي شيطان ۽ ڪافر جي شيطان ۾ ملاقات ٿي، ڪافر جو شيطان ٿلهو متارو ۽ سٺي لباس ۾ هو، جڏهن ته مؤمن جو شيطان سُڪل هو ۽ وار وِکريل هئا ۽ اگھاڙو هو، ڪافر جي شيطان مؤمن جي شيطان کان پڇا ڪئي: آخر تون ايترو ڪمزور ڇو آهين؟ ان جواب ڏنو: مان هڪ اهڙي شخص سان گڏ آهيان جيڪو کائڻ پيئڻ وقت بسم الله شريف پڙهندو آهي ته مان بکايل رهجي ويندو آهيان جڏهن تيل لڳائيندو آهي ته بسم الله پڙهندو آهي ته منهنجا وار وِکريل رهجي ويندا آهن، ان تي ڪافر جي شيطان چيو: مان اهڙي شخص سان گڏ آهيان جيڪو انهن ڪمن مان ڪو به ڪم نٿو ڪري، تنهنڪري مان ان سان کائڻ پيئڻ، لباس ۽ تيل لڳائڻ ۾ شريڪ ٿي ويندو آهيان. * تيل لڳائڻ کان پهريان بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيمِ پڙهي شيشي وغيره سان کاٻي هٿ جي تري ۾ ٿورو تيل وجھو پوءِ پهرين ساڄي اک جي ڀِرئن تي تيل لڳايو پوءِ کاٻي تي، ان کان پوءِ ساڄي اک جي پنبڻن تي پوءِ کاٻي تي، پوءِ مٿي تي تيل لڳايو، ۽ ڏاڙهي ۾ تيل لڳايو ته چپ ۽ ڄاڙي جي وچ واري وارن کان شروع ڪيو۔([1])


 

 



[1]...550سنتیں اور آداب، صفحہ:43-44۔