Book Name:Khwaja Garib Nawaz Aur Neki Ki Dawat

شخص کي ڪنهن منهنجي باغ ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني آهي؟ بادشاھ جي ڪاوڙ ڏسي سپاهي ڊڄي ويا، ان کان پهريان جو سپاهي ڪو جواب ڏين ها، خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نگاھ مبارڪ کنئي، بَس خواجه حُضُور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فيض واري نظر پوڻ جي دير هئي جو بادشاھ يڪدَم ڏڪڻ لڳو ۽ ڏڪندي زمين تي ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو۔ هاڻي خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه غريب نوازي فرمائيندي پنهنجي هنڌان اُٿي پاڻي گھرايو ۽ بادشاھ جي چهري تي ڇنڊا هنيائين، ڪجھ ئي دير ۾ بادشاھ کي هوش اچي ويو، بَس هاڻي ڇا ٿيو، هوش ۾ ايندي ئي بادشاھ نهايت عاجزي سان پنهنجي ڪوتاهي جي معافي گھرڻ لڳو، پوءِ پنهنجي سڀني خادمن سميت توبه ڪري خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي غُلامي ۾ داخِل ٿي ويو۔([1])

اپنے قدموں میں بُلا خواجہ پیا! خواجہ پیا!    اور جلوہ بھی دکھا خواجہ پیا! خواجہ پیا!

ہو کرم بَر حالِ مَا خواجہ پیا! خواجہ پیا!      از پئے داتا پیا، خواجہ پیا! خواجہ پیا!

مصطَفٰے کی انبیا کی ہر صحابی اور ولی       کی مَحبَّت ہو عطا خواجہ پیا! خواجہ پیا!

دل سے دنیا کی مَحبَّت کی مصیبت دُور ہو    دیدو عشقِ مصطَفٰے خواجہ پیا! خواجہ پیا!

اپنی منزل سے کبھی بھی وہ بھٹک سکتا نہیں  جس کے تم ہو رہنما خواجہ پیا! خواجہ پیا!([2])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                                                            صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! اڄ ڇٽي شريف (رجب المرجب جي 6 تاريخ) آهي ۽ اسان سلطانُ الهند، عطاءِ رسول، معينُ الدِّين (دين جي مددگار) خواجهء خواجگان خواجه غريب نواز حضرت حسن سنجري چشتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عُرس مبارڪ جي سلسلي ۾ حاضِر آهيون، يقيناً هي الله پاڪ جو وڏو ڪرم آهي جو ان اسان گنهگارن کي پنهنجي محبوب ٻانهن جي ذِڪر جي لاءِ چونڊيو آهي، اولياءِ ڪرام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جي عقيدت ۽ محبت اسان کي نصيب فرمائي۔


 

 



[1]...ہند کے راجہ، صفحہ:74۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:536-538ملتقطاً۔