Book Name:Reham Dili Kesay Mili
به خود ڏيان ها...!! ([1])
قلبِ مُردہ کو بھی ٹھوکر سے جِلا دو مُرشِد تم نے ٹھوکر سے ہے مُردوں کو جِلایا یاغوث!
آفتوں میں ہوں گرفتار، مدد کو آؤ آہ! دُنیا کے غموں نے ہے ستایا یاغوث!
مَیں جہنّم میں نہ اب جاؤں گا اِنْ شَآءَ اللہ رہنما تم کو جو میں نے ہے بنایا یاغوث!
الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! هي ڪهڙي خيرخواهي آهي!هي ڪهڙو عظيم جذبو آهي...!! قبر جي پهرين رات ڪيڏي سخت ترين رات هوندي آهي، مردو صدمن ۾ چور چور هوندو آهي، دنيا ڇڏڻ جو غم، اولاد جي جدائي جو غم، پوءِ روح نڪرڻ جي تڪليف، قبر جي وحشت، اونداهي، اڪيلائي، پوءِ ان سان گڏوگڏ فرشتا قبر ۾ ديوارون چيريندي اچي ويندا آهن، ميت کان سوالات ڪندا آهن.
هن دنيا ۾ اسان جا کوڙ سارا دوست آهن، رشتيدار آهن، ڪو ته صرف پنهنجي مطلب تائين هوندو آهي ۽ جيڪي وفادار سڄي زندگي ساٿ نڀائيندا به آهن ته صرف قبر جي ڪناري تائين، شايد سڳو پيءُ به پنهنجي پٽ جي لاءِ اهڙي خواهش نه ڪري سگهي ته پٽ..! مان چاهيان ٿو، توهان جي جڳھ توهان جي قبر ۾، مان لهان ۽ توهان جي طرف کان نَڪيرَين جا جوابات ڏيان. هي پيرن جي پير، پير دستگير، شهبازِ لامڪاني، محبوبِ سبحاني، سيّدنا شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه آهن، جيڪي فرمائي رهيا آهن: اي منهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا امّتيو! منهنجي خواهش ته هي آهي ته توهان مان ڪنهن کي به قبر جي وحشت ۽ اڪيلائي جو منهن نه ڏسڻو پوي، توهان مان ڪنهن جي به قبر جهنّم جو کڏو نه بڻجي، مان خود توهان جي قبر ۾ لهان ۽ توهان جي طرف کان نڪيرين جي سوالن جا جوابَ به خود ئي ڏيان ته جيئن توهان جي قبر جنّت