Book Name:Reham Dili Kesay Mili

اطلاع جي مطابق 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا. ([1])

    الله پاڪ اسان جي حالِ زار تي رحم فرمائي! هيءَ ڪهڙي بي رحمي آهي، هي ڪي هڪ يا ٻه واقعا ناهن، هاڻي به اهڙيون خبرون اينديون رهنديون آهن. رحمتن واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رحمت ۽ شفقت جو صدقو ڪاش! اسان به رحم دل ٿي وڃون.

جيڪو رحم ناهي ڪندو، ان تي رحم ناهي ڪيو ويندو

   ترمذي شريف جي حديث پاڪ آهي، هڪ ڀيري پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي ڏوهٽن امام حسن ۽ امام حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْهما کي  پيار ڪيو، ويجهو ئي هڪ شخص ويٺو هو، چوڻ لڳو:  مون کي ڏھ پٽ آهن، پر مون ته انهن مان ڪنهن هڪ کي به  پيار ناهي ڏنو، رحيم ۽ ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ان شخص جي طرف ڏٺو، پوءِ فرمايائون: جيڪو رحم ناهي ڪندو، ان تي رحم ناهي ڪيو ويندو. ([2])

 اي عاشقانِ رسول! اولاد الله پاڪ جي نعمت آهي، انهن تي رحم ڪرڻ گهرجي، پٽ هجي يا ڌيءُ، ٻئي الله پاڪ جي عطا آهن، ٻنهي سان خوب پيار ڪرڻ گهرجي، خاص طور ڌيءُ تي وڌيڪ رحم ڪيو وڃي جو ڌيئرون محبت ڪرڻ واريون آهن.

ڌيئرن جي فضائل تي 4 حديثون

پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: (1): ڌيئرن کي خراب نه سمجهو، بيشڪ اهي محبت ڪرڻ واريون آهن. ([3]) (2): هڪ حديث پاڪ


 

 



[1]... زندہ بیٹی کنویں میں پھینک دی، صفحہ:5۔

[2]... بخاری، کتاب  المناقب، باب علامات النبوۃ، صفحہ:913، حدیث:3585۔

[3]... مسند امام احمد، مسند الشاميين،جلد:7، صفحہ:200، حدیث:17837۔