Book Name:Reham Dili Kesay Mili

آهن، پنهنجي اولاد تي، ننڍڙين ننڍڙين گُلن جهڙين ٻارڙِين تي ظُلم ۽ ستم جا اهڙا پهاڙ ٽوڙيا ويندا آهن جو دل ڏڪي ويندي آهي، اخبارن ۾  ۽ سوشل ميڊيا (Social Media) وغيره تي خبرون اينديون رهنديون آهن: ڪو ننڍڙن ٻارن کي قتل ڪري  پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏيندو آهي، ڪو ٻارڙين جي لڳاتار پيدائش کان تنگ اچي ڪري ماءُ کي به قتل ڪري ڇڏيندو آهي، گُلن جهڙي ننڍڙِي کي به قتل ڪري ڇڏيندو آهي.

ننڍڙيءَ کي پريشر ڪُڪر ۾ رکي ڪري...

اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو تمام پيارو رسالو آهي: زندھ ڌيءُ کوھ ۾ اڇلائي ڇڏي ڌيئرن جي عزت ۽ عظمت جي باري ۾ هن رسالي ۾ تمام مُفيد معلومات آهي، هر هڪ کي پڙهڻ گهرجي، جيڪڏهن سيني ۾ دل آهي ۽ زندھ آهي ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! هي رسالو پڙهندي لڙڪن کي روڪي نه سگهندؤ. هن رسالي ۾ امير اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  هڪ تمام دردناڪ (Painful)  واقعو لکيو آهي فرمائن ٿا:

   ڪشمير جي ڪنهن علاقي ۾ هڪ شخص کي پنج نياڻيون هيون ۽ ڇهون ڀيرو ولادت ٿيڻ واري هئي. ان هڪ ڏينهن پنهنجي زال کي چيو جيڪڏهن هن دفعي به تو ڌيءَ ڄڻي ته آءُ توکي ان ٻارڙيءَ سميت قتل ڪري ڇڏيندُس. هجري سن 1426 جي رمضان المبارڪ جي ٽين رات (8-10-2005) تي ڌيءَ جي پيدائش ٿي صبح جي وقت ٻارڙيءَ جي ماءُ جي رڙين جي پرواھ ڪرڻ بغير ان بي رحم پيءُ (معاذَ الله!) پنهنجي گلن جهڙي زندھ ٻارڙيءَ کي کڻي پريشر ڪُڪر ۾ وجهي چلهي تي چاڙهي ڇڌيو! هڪدم پريشر ڪُڪر ڦاٽو ۽ گڏ ئي خوفناڪ زلزلو (Earth Quake) اچي ويو. ڏسندي ئي ڏسندي اهو ظالم شخص زمين جي اندر ڌٻجي ويو ٻارڙي جي ماءُ کي زخمي حالت ۾ بچايو ويو ۽ غالباً اُن جي ذريعي هن دردناڪ واقعي جو انڪشاف ٿيو. ان زلزلي ۾ هڪ