Book Name:Reham Dili Kesay Mili

جهرڪي تي رحم ڪرڻ جي فضيلت

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي رحم دل ٿيڻو آهي، صرف انسان جي حق ۾ نه بلڪه تمام مخلوق جي حق ۾، جانور تي به رحم ڪرڻو آهي. حُجَّةُ الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: قيامت جي ڏينهن هڪ شخص کي بارگاھِ الهي ۾ پيش ڪيو ويندو، ٻانهو عرض ڪندو: یَارَبِّی اِرْحَمْنِی اي منهنجا ربّ! مون تي رحم فرماءِ. الله پاڪ فرمائيندو: ڇا تو منهنجي رضا جي خاطر ڪڏهن ڪنهن تي رحم ڪيو؟ تو دنيا ۾ چاهي هڪ جهرڪي تي ئي رحم ڪيو هجي ته اڄ مان توتي رحم فرمائيندس. ([1])

   الله! الله! اي عاشقانِ رسول! ڪهڙي سبق آموز روايت آهي، قيامت جي ڏينهن جنهن خوشنصيب کي الله پاڪ جي رحمت نصيب ٿي وئي، ان جا ته ڀاڳ ئي ڀلا ٿي ويندا، يقيناً جنهن تي رحمت وسندي، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! اهو جنّت جو حقدار قرار ڏنو ويندو ۽ اها رحمت ملندي ڪنهن کي؟ جنهن دنيا ۾ ڪنهن تي رحم ڪيو هوندو.

  هاءِ افسوس! هاڻي حالات بُرا آهن، ماڻهو ويچارن بي زبان جانورن تي اهڙا اهڙا ظلمَ ڪن ٿا جو الامان والحفيظ! سوشل ميڊيا وغيره تي جانورن تي ظلم جا اهڙا دل ڏکوئيندڙ ويڊيوز (Heartbreaking Videos) ايندا آهن جو هڪ زندھ دل انسان انهن کي ڏسي نه سگهي. اهڙي بي رحمي ۽ ظلم...!! بَس الله پاڪ محفوظ فرمائي.

مظلوم جانورُ مُسَلَّط ٿي سگهي ٿو

مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب: جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارا اعمال، جلد: 2، صفحي


 

 



[1]...سلوۃ العارفین، جلد:2، صفحہ:13۔